Home / رانديون / قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي لاءِ اسپانسر جي ڳولا ۾ بورڊ کي پريشانيون

قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي لاءِ اسپانسر جي ڳولا ۾ بورڊ کي پريشانيون

ڪراچي: (اسپورٽس نيوز) پاڪستان جي ٽيم لاءِ اسپانسر جي ڳولا ۾ پي سي بي کي پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. جڏهن ته معاهدا ختم ٿيڻ سبب انگلينڊ ۾ موجود رانديگرن جي شرٽ تي ڪٿي به ڪنهن ڪمپني جو ڪوبه لوگو لڳل ناهي.انگلينڊ ۾ موجود پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جا رانديگر بنا اسپانسر لوگو جي ٽريننگ ڪري رهيا آهن. رانديگرن جي شرٽس تي صرف پي سي بي جو نشان موجود آهي. هيڊ ڪوچ مصباح الحق  جيڪو پراڻو سوئٽر پاتو هو ان تي به اڳوڻن اسپانسر جي لوگن کي اسٽيڪر سان لڪايو ويو هو.هڪ شربت ٺاهيندڙ اداري سان پي سي بي جو معاهدو تازو ئي ختم ٿيو آهي نئين اسپانسر لاءِ جيڪي اشتهار جاري ڪيا ويا ان ۾ وڌيڪ ڪمپنين دلچسپي ظاهر ناهي ڪئي.واضح رهي ته لوگو اسپانسر شپ سان رانديگرن کي به ڳري آمدني حاصل ٿيندي آهي. ٽيسٽ ۾ ساڍا 4 لک جڏهن ته  ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي ۾ 2 لک 25 هزار روپه في رانديگر کي ڏنا ويندا آهن.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

آسٽريليا بگ بيش ليگ جي شيڊول جو اعلان ڪري ڇڏيو

لاهور: (اسپورٽس نيوز) آسٽريليا بگ بيش ليگ جي شيڊول جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. افتتاحي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے