Home / شوبز / معاشرتي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ جو مقصد رڳو ڪمائي بڻجي ويو آهي: ثانيه سعيد

معاشرتي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ جو مقصد رڳو ڪمائي بڻجي ويو آهي: ثانيه سعيد

ڪراچي (شوبز) مشهور ڊراما آرٽسٽ ثانيه سعيد پنهنجي هڪ تازي انٽرويو ۾ موجوده پاڪستاني ڊرامن تي تنقيد  ڪندي چيو آهي ته هاڻوڪن ڊرامن ۾ معاشرتي مسئلا پيش ڪرڻ جو مقصد انهن کي حل ڪرڻ نه پر انهن مان فائدو وٺڻ رهجي ويو آهي. 1989ع کان اسٽيج ۽ ٽي وي جي ڪيترن ئي ڊرامن ۾ پنهنجي شاندار ۽ ورسٽائيل اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندڙ اداڪارا ثانيه سعيد اڄ ڪالهه ننڍي پردي تان گم آهي. ثانيه سعيد هڪ پروگرام ۾ موجوده پاڪستاني ڊرامن جي خامين بابت ڳالهائيندي  چيو ته پهريان ڪنهن به ڊرامي جي ڪهاڻي جو مقصد سماجي مسئلن جي نشاندهي ڪندي   انهن کي سمجهڻ ۽ حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ هوندو هو. پر هاڻ اها سوچ تبديل ٿي چڪي آهي. ثانيه سعيد موجب اڄ جي پاڪستاني ڊرامن ۾ رڳو اهي مسئلا پيش ڪيا ٿا وڃن جن کان اسان اڳ ئي واقف آهيون ۽ گهڻي قدر انهن کي منهن به ڏئي چڪا هجون. اڄ جي ڊرامن ۾ اهڙا مسئلا پيش ڪرڻ جو مقصد رڳو فائدو وٺڻ رهجي ويو آهي، اها سوچ درست نه آهي. هن چيو ته اڄ جا اداڪار به عام ماڻهن سان گهڻي ويجهڙائي نٿا رکن، ان ڪري نه ته عام ماڻهن کان ڪجهه خاص واقفيت رکن ٿا ۽ نه ئي پنهنجي ڪم ۾ انساني جذبن جو صحيح طور تي اظهار ڪري سگهن ٿا. هن پاڪستاني ڊرامن کي بهتر بڻائڻ لاءِ اسٽوڊيوز، ٽيڪنالاجي ۽ اهڙين جاين جي ضرورت تي زور ڏنو جتي ٽيڪنيڪل اسٽاف کي تربيت جي حوالي سان موڪلي سگھجي. هن ڍيو ته اسان کي پنهنجن ماڻهن ۽ انفراسٽرڪچر تي سيڙپڪاري جي به سخت ضرورت آهي. واضح رهي ته ثانيا سعيد ماضي ۾ آهٽ، ستارا اور مهرالنساءِ، وعده، خاموشيان سميت ٻين مشهور ڊرامن ۽ ٽيلي فلمز ۾ ڪم ڪري چڪي آهي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

اقرا عزيز نئين سرگرمي تي عمل شروع ڪري ڇڏيو

ڪراچي: (شوبز) پاڪستان جي خوبصورت اداڪاره اقرا عزيز ڪورونا وبا سبب لاڪ ڊائون دوران نئون  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے