Home / رانديون / پاڪستاني اسپن بالرن کي انگلينڊ جي پچن جو تجربو ناهي: جنيد خان

پاڪستاني اسپن بالرن کي انگلينڊ جي پچن جو تجربو ناهي: جنيد خان

لاهور: (اسپورٽس نيوز) پاڪستاني فاسٽ بالر جنيد خان  کي انگلينڊ ۾ پاڪستاني اسپنرز جي ناڪامي جا امڪان ستائڻ لڳا.رپورٽ موجب خانگي چينل سان ڳالهيون ڪندي  جنيد خان چيو ته بال تي پِڪ جو استعمال روڪڻ سبب ريورس سوئنگ ناهي ٿيندي. ان سان ٻنهي ٽيمن جي  اسپن بالرز جي ڪارڪردگي تي وڏو فرق پوندو پر وڌيڪ پريشاني پاڪستاني بالرن کي هونديون. جيمز اينڊرسن نئين بال سٺي طريقي سان ڪندو آهي پر ريورس سوئنگ وڌيڪ موثر ناهي ان معاملي ۾ اسٽورٽ براڊ ۽ جوفرا آرچر به مهمان بالرن کان پوئتي آهن.هن چيو ته پاڪستاني اسپنرز ۾ محمد عباس جي اسپيڊ 125 ڪلوميٽر في ڪلاڪ پر ايشيا ۾ به هو ريورس سوئنگ سبب وڪيٽون حاصل ڪندو رهيو آهي. شاهين شاهه آفريدي به مهارت رکندو آهي. نسيم شاهه مختصر ڪيريئر ۾ وڌيڪ شڪار ريورس سوئنگ جي بدولت ئي ڪيا هن چيو ته محمد موسيٰ سميت نوجوان اسپنرز کي انگلش ڪنڊيشن جو تجربو ناهي. ان لاءِ هنن جو اتي پرفارم ڪرڻ آسان نه هوندو.هن وڌيڪ چيو ته مان محمد عامر سان ساڙ نٿو ڪريان پر اسپنر کي 14 يا 15 هڪ ڏينهن وارن مچن ۾ ناقص ڪارڪردگي جي باوجود مينجمينٽ تسلسل سان گڏ موقعا ڏنا. مان ايترو خوش  قسمت نه هئس ڇو ته 2 ميچن کان پوءِ ئي ڊراپ  ڪيو ويو.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

آسٽريليا بگ بيش ليگ جي شيڊول جو اعلان ڪري ڇڏيو

لاهور: (اسپورٽس نيوز) آسٽريليا بگ بيش ليگ جي شيڊول جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. افتتاحي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے