Home / شوبز / نون ماڻهن کي بنا معاوضي ڪم ڪرائڻ اوهان جو ڪم آهي: ڪنگنا

نون ماڻهن کي بنا معاوضي ڪم ڪرائڻ اوهان جو ڪم آهي: ڪنگنا

نئين دهلي (شوبز) ڀارتي اداڪارا ڪنگنا رناوت ڀارتي فلمساز پوجا ڀٽ جي پنهنجا نوازي خلاف بيان ڏيڻ تي مٿس ڪڙڪي پئي. فلم ساز پوجا ڀٽ سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ٽوئٽر تي پنهنجا نوازي خلاف پنهنجي فلمي پراڊڪشن جي حق ۾ ٽوئيٽ ڪيا، پوجا چيو ته سندس فلم پراڊڪشن هائوس ۾ ڪنهن قسم جي پنهنجا نوازي ناهي. هميشه نون ۽ ٻاهران ايندڙ فنڪارن جي آجيان ڪئي وئي آهي ۽ نون چهرن کي ڪاسٽ ڪيو ويو آهي. ڪنگنا رناوت باصلاحيت اداڪارا آهي، وينيش فلمز ئي ڪنگنا کي فلم انڊسٽري ۾ فلم گينگسٽر ذريعي متعارف ڪرايو هو، پوجا ڀٽ جي ٽوئيٽ ۾ ڪنگنا جي مستقبل لاءِ نيڪ خواهشن جو به اظهار ڪيو ويو. ڪنگنا جي ٽوئٽر ٽيم کي پوجا ڀٽ جا اهڙا ٽوئيٽ نه وڻيا ۽ پوجا ڀٽ کي جواب ڏنيو ويو ته فلمن ۾ نون چهرن کي بنا معاوضي پنهنجي فائدي لاءِ ڪم ڪرائڻ ڪيترن ئي فلم پراڊڪشن هائوسز جو ڪم آهي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

اقرا عزيز نئين سرگرمي تي عمل شروع ڪري ڇڏيو

ڪراچي: (شوبز) پاڪستان جي خوبصورت اداڪاره اقرا عزيز ڪورونا وبا سبب لاڪ ڊائون دوران نئون  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے