Home / رانديون / رانديگرن کي هڪٻئي جي حوصلاافزائي پاڻ ئي ڪرڻي پوندي:مشتاق احمد

رانديگرن کي هڪٻئي جي حوصلاافزائي پاڻ ئي ڪرڻي پوندي:مشتاق احمد

اسلام آباد(اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اسپين بولنگ ڪوچ مشتاق احمد جو چوڻ آهي ته انگلينڊ ۾ موجود پاڪستاني اسڪواڊ ۾ شامل رانديگرن کي پاڻ ئي هڪٻئي جي حوصلاافائي ڪرڻي پوندي. ڪووڊ 19 جي ڪري اسٽيڊيم ۾ تماشائي موجود نه هوندا انگلينڊ وسيٽ انڊيز ٽيسٽ سيريز به بغير تماشائين جي کيڏي پئي وڃي. ڪرڪيٽ ٽيم جي اسپن بولنگ ڪوچ مشتاق احمد چيو آهي ته هي ٽوئر غيرمعمولي حالتن ۾ ٿي رهيو آهي، هتي رانديگرن جي حوصلاافزائي لاءِ تماشائي موجود آهن نه وري تجزيو ڪرڻ لاءِ ميڊيا جا نمائنده موجود آهن تنهن ڪري انهن رانديگرن کي پنهنجي گروپ مان ئي متاثر ٿيڻو آهي ۽ هڪٻئي جي ڀرپور حوصلاافزائي ڪرڻي آهي. ياد رهي ته 5 آگسٽ کان شروع ٿيندڙ 3 ٽيسٽ ۽ 3 ٽي ٽوئنٽي ميچن تي مشتمل سيريز جي لاءِ انگلينڊ ۾ موجود پاڪستان ٽيم 14 ڏينهن قرطينه ۾ گذارڻ بعد 13 جولاءِ تي ڊربي شائر رواني ٿيندي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

آسٽريليا بگ بيش ليگ جي شيڊول جو اعلان ڪري ڇڏيو

لاهور: (اسپورٽس نيوز) آسٽريليا بگ بيش ليگ جي شيڊول جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. افتتاحي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے