اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 25 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن جنهن کان پوءِ فوتگين جو انگ 5058 ٿي ويو جڏهن ته نوان ڪيس سامهون اچڻ بعد مريضن جو انگ 243599 تائين پهچي ويو آهي. هن وقت تائين پنجاب ۾ 1972، سنڌ ۾ 1677 ۽ خيبرپختونخواهه ۾ 1063 ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا آهن جڏهن ته اسلام آباد ۾ 146، بلوچستان ۾ 125، آزاد ڪشمير ۾ 41 ۽ گلگت بلتستان ۾ 34 ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا آهن.
