Home / پاڪستان / آزادي ماتچ تي هلان جون ڳالهيون ٿيون ، مليحه لوڌي جي گرفتاري جي مخالفت ڪئي: چوڌري شجاعت

آزادي ماتچ تي هلان جون ڳالهيون ٿيون ، مليحه لوڌي جي گرفتاري جي مخالفت ڪئي: چوڌري شجاعت

لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) مولانا فضل الرحمان اسلام آباد ۾ ڌرڻي لاءِ آيو ته ڪجهه ماڻهو چڙهائي جو ڳالهيون ڪري رهيا هئا، پرويز الاهي وزيراعظم عمران خان سان ڳالهايو ۽ مشورو ڏنو ته تشدد ۾ ڪو ماڻهو مري ويو ته ڪير به ذميواري کڻڻ لاءِ تيار نه هوندو، وزيراعظم کي جواب ڏيڻو پوندو، ق ليگ اڳواڻ چوڌري شجاعت حسين مولانا فضل الرحمان جي اسلام آباد واري ڌرڻي بابت اهڪ انڪشاف ڪندي چيو آهي ته پرويز الاهي جي مشوري کانپوءِ ڌرڻي تي چڙهائي وارو فيصلو ملتوي ڪيو ويو، مولانا جي معاملي تي سندن پارٽي مٿان الزام لڳايا يا پر پرويز الاهي جي ٻطرفي سوچ سان معاملو بهتر نموني حل ٿي ويو، اسلام آباد ۾ هڪ پاسي پوليس بيٺل هئي ته ٻئي پاسي مدرسن جا شاگرد مولانا فضل الرحمان جي حڪم جو انتظار ڪري رهيا هئا، اهڙين حالتن ۾ مولانا فضل الرحمان ڏاهپ جو ثبوت ڏنو، چوڌري شجاعت وزيراعظم عمران خان کي هڪ ڀيرو ٻيهر مشورو ڏنو آهي ته مسئلن کي مشاورت سان حل ڪري ۽ سڀ شيون وساري ملڪ کي بحران مان ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

فضل الرحمان ملڪي سياست، جمهوريت ۽ پاڻ تي رحم ڪري: شيخ رشيد

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے