Home / تازا ترين / دنيا اندر ڪرونا ڪيسن ۾ تيزي سان واڌ، 2 لک 13 هزار نوان ڪيس رپورٽ

دنيا اندر ڪرونا ڪيسن ۾ تيزي سان واڌ، 2 لک 13 هزار نوان ڪيس رپورٽ

آمريڪا (مانيٽرنگ ڊيسڪ) دنيا ۾ ڪورونا جا هاڃا جاري آهن، هڪ ڏينهن دوران 2 لک 13 هزار نوان ڪيس رپورٽ ٿيڻ بعد مريضن جو انگ هڪ ڪروڙ 23 لک 70 هزار تائين پهچي چڪو آهي. هڪ ڏينهن دوران وڌيڪ 5 هزار 165 ماڻهو حياتيون وڃائي ويٺا. برازيل ۾ هڪ هزار 129 ماڻهو فوت ٿي ويا، جڏهن ته 39 هزار 583 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا. آمريڪا ۾ 819 فوتگيون ۽ 56 هزار نوان ڪيس رپورٽ ٿيڻ بعد ڪورونا سبب متاثر آمريڪي شهرين جو انگ 32 لک 14 هزار 4 سئو ٿي ويو آهي. ميڪسيڪو ۾ 782 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا جڏهن ته 6 هزار 995 نوان ڪيس رپورٽ ٿيڻ بعد متاثرن جو انگ 2 لک 75 هزار کان وڌي ويو آهي. ڀارت ۾ به ڏينهون ڏينهن ڪورونا وگهي فوتين جي انگ ۾ واڌ ٿيڻ لڳي آهي، هڪ ڏينهن دوران 479 ڀارتي فوت ٿي ويا، جڏهن ته 25 هزار 8 سئو کان وڌيڪ نوان ڪيس رپورٽ ٿيا. ايران ۾ 221، پيرو ۾ 181، ڏکڻ آفريڪا ۾ 118،عراق ۾ 103، برطانيه ۾ 85، سعودي عرب ۽ بنگلاديش ۾ 41، 41 ڄڻا فوت ٿي ويا. عالمي وبا سبب هيل تائين حياتيون وڃائيندڙن جو انگ 5 لک 56 هزار 370 ٿي ويو، جڏهن ته 71 لک 80 هزار 9 سئو کان وڌيڪ مريض ڪورونا کي شڪست ڏئي صحتياب ٿي چڪا آهن.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

شگر مل ڪيس، جهانگير ترين جو جي آءِ ٽي آڏو پيش ٿيڻ کان انڪار

لاهور: (م ڊ) شوگرملز ڪيس ۾ گڏيل جاچ ٽيم طرفان طلبي تي جهانگير ترين چيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے