نڪور خبرون
Home / پاڪستان / فريال عذير کي امن ايوارڊ ڏنو، رحمان ڊڪيت کي واجه ڪريم جي حمايت لاءِ چيو ويو: فهميدا مرزا

فريال عذير کي امن ايوارڊ ڏنو، رحمان ڊڪيت کي واجه ڪريم جي حمايت لاءِ چيو ويو: فهميدا مرزا

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) جي ڊِي اي جي اڳواڻ فهميده مرزا چيو آهي ته ڪافي وقت کان خاموش هيس پر هاڻي وڌيڪ چپ نٿو رهي سگهجي جڏهن اسان ڳالهه ڪنداسين ته پيپلزپارٽي جي ليڊر شپ مشڪل ۾ پئجي ويندي جيڪا جي آءِ ٽي سنڌ حڪومت ظاهر ڪئي آهي ان ۾ ذوالفقار مرزا جو ڪٿي به نالو نه آهي اهڙن خيالن جو اظهار هن هڪ انٽرويو ۾ ڪيو فهميده مرزا چيو ته ذوالفقار مرزا تي تنقيد لاءِ ٻي جي آءِ  ٽي جو سهارو ورتو وڃي ٿو امن ڪميٽي 2008 کان اڳ ٺاهي ويئي ان وقت پيپلزپارٽي جي حڪومت نه آئي هئي اپريل 2008 ۾ ذوالفقار مرزا گهرو وزير ٿيو جڏهن ته 2009 ۾ رحمان ڊڪيت جو انڪائونٽر ڪيو ويو رحمان ڍڪيت کي آمريڪا مان فون ڪري چيو ويو ته پيپلزپارٽي جي واجه ڪريم جي حمايت ڪريو رحمان ڍڪيت تي پ پ پ جي حمايت لاءِ زور وڌو ويو آمريڪا مان فون ڪري جلسا ڪير ڪرائيندو هو مختلف پارٽيون ڏوهاري ماڻهن کي استعمال ڪنديون رهيون ذالفقار مرزا 2011 جي شروع ۾ ئي استعيفا ڏيئي ڇڏي هئي ذاولفقارمرزا صوبائي گهرو وزير جي عهدي تان استعيفا ڏني ته ڪراچي ۾ دهشتگردي ۽ رتوڇاڻ جا واقعا وڌي ويا عذير بلوچ کان قسم وٺندڙن کي پيپلزپارٽي کي اسيمبلين جي ٽڪيٽ ڏني فريال ٽالپر عذير بلوچ جي گهر ويئي پر هو چوي ٿي ته کيس خبر نه آهي اهو گهر عذير بلوچ جو هو فريال ٽالپر ۽ قائم علي شاهه عذير بلوچ جي ڪوٺايل تقريبن ۾ شريڪ ٿيندا رهيا فريال ٽالپر ئي عذير بلوچ کي امن جو ايوارڊ ڏنو هو ذوالفقار مرزا جانثاران بينظير ٺاهي ڪارساز ڌماڪي ۾ لياري جا 200 نوجوان شهيد ٿيا ۽ ٻئي ڏينهن بينظير ڀٽو انهن شهيدن جي گهر ويئي ڊاڪتر ذوالفقار مرزا کين شهيدن جي اولاد کي پنهنجو ٻچو چئي رهيو هو سنڌ جي اڳوڻي گهرو وزير ذوالفقار مرزا جي زال فهميده مرزا چيو ته ذوالفقار مرزا هٿيارن جا لائسنس ڏوهارين کي نه ڏنا جيڪڏهن ذوالفقار مرزا اهڙا لائسنس ڏوهارين کي جاري ڪيا ته سنڌ حڪومت اهي لائسنس رد ڇو نه ڪيا ذوالفقار مرزا ڏوهي هو ته پيپلزپارتي جي حڪوتم مٿس ڪيس ڇو نه ڪيا رحمان ڍڪيت مارجڻ کان پوءِ عذير بلوچ منظرعام تي آيو جيڪڏهن وزيراعظم ڪراچي جي رتوڇاڻ تي جي آءِ ٽي ٺاهي ته اسان حڪومت کي ڀرپور سپورٽ ڪنداسين.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

افغان پرڏيهي وزير کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني آهي: شاهه محمود

اسلام آباد(م ڊ)  پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته 44 سيڪڙو آمريڪي ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے