Home / پاڪستان / پاڪستان ۾ ايڊز تيزي سان وڌي رهي آهي: مريم اورنگزيب

پاڪستان ۾ ايڊز تيزي سان وڌي رهي آهي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد  (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان مسلم (ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب قومي اسيمبلي ۾ انڪساف ڪيو ته پاڪستان ۽ فلپائين ۾ ايڊز 57 سيڪڙو جي رفتار سان پکڙجي رهي آهي جڏهن ته پارليماني سيڪريٽري صحت نوشين حامد چيو ته ماڻهو ايڊز جي ٽيسٽ ئي نٿا ڪرائين ڪل انگ هڪ 83 هزار آهي جنهن رجسٽر روو 25 هزار آهي جمعي تي قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت ۾ ٿيو مسلم ليگ (ن) جي مريم اورنگزيب سميت ٻين ميمبرز عورتن پاران ملڪ ۾ ايڊز جي وڌندر ڪيسن تي ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيس ڪيو ويو مريم اورنگزيب چيو ته دنيا ۾ وڏي حد تائين ايڊز ڪنٽرل ٿي رهي آهي پر اسان وٽ ايڊز لاءِ اهي ئي فنڊ لڳايا پيا وڃن جيڪي ٻاهرين ملڪ مان ملن ٿا اسان ڪي پئسا نه پيا رکون جهڙي طرح ڪرونا جي مريضن جون ٽيسٽون گهتائي سمجهايو پيو وڃي ته مريض گهٽجيويا اهڙي طرح ايڊز جي مريضن جي ٽيسٽ ته ان کان به گهٽ آهي پر ايڊز پاڪستان ۽ فلپائين ۾ 57 سيڪڙو جي حساب سان پکڙجي رهي آهي صحت جي سيڪريٽري نوشين حامد چيو ته ماضي جي حڪومتن ايڊز جي خلاف ڪڏهن به پئسو ناهي رکيو ايڊز جا فنڊ ٻاهرين دارومدار تي رهيا ماڻهو هن بيماري جي نشاندهي نٿا ڪن هن چيو ته ملڪ ۾ ڪل هڪ لک 83 هزار مريض آهن پر رجسٽرڊ صرف 25 هزار آهن ٻاهريان ايڊز فنڊ جيڪي اچن ٿا ٻاهرين ملڪن مان ٻه ملين ڊالر ايڊز ڪنٽرول لاءِ اچڻ وارا آهن نيشنل ايڊز ڪرنٽرول پروگرام ۽ آغا خان اسپتال سڄي ملڪ ۾ ايڊز جون ٽِسٽون وڌائڻ جو وڏو منصوبو آڻي رهيو آهي اسد قيصر چيو ته ايڊز ڪنٽرول بابت ايس ڊيز ڪميٽي کي متحرڪ ڪري رهيا آهيون نوشين حامد ايوان کي ٻڌايو ته ايڊز تي 2030 تائين جي قومي پاليسي آڻي رهيا آهيون هن وقت تائين پمز ۾ هڪ به ٻار اهڙو پيدا ناهي ٿيو جنهن کي مانءُ مان ايڊز منتقل ٿي هجي اجلاس ۾ نويد قمر ۽ ٻين ميمبرن اسپيڪر کي اپيل ڪئي ته اهي وزيراعظم کي قائل ڪن ته هو ملڪ ۾ زراعت جا مسئلا حل ڪري عمر ايوب چيو ته سمورين بجلي ورهائيندڙ ڪمپنين کي چئي ڇڏيو آهي ته اهي هارين جا ٽيوب ويل ميٽر نه لائينديون.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

سينيٽ چونڊون اوپن بيلٽ ذريعي ڪرائڻ لاءِ آرڊيننس تيار:وفاقي حڪومت

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينيٽ اليڪشن اوپن بيلٽ ذريعي ڪرائڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۽ پارليامينٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے