ٽوڪيو (مانيٽرنگ ڊيسڪ) جاپان جي مشهور ٽيڪنالاجي ڪمپني صرف 25 منٽن ۾ ڪورونا وائرس جو ٽيسٽ ڪندڙ ۽ ان جو نتيجو ڏيندڙ ٽيڪنالاجي ڪٽ تيار ڪري ورتي آهي.هن ٽيڪنالاجي کي فوري طور تي پاڪستان منتقل ڪرڻ جي لاءِ پاڪ جاپان بزنس ڪائونسل جاپاني ڪمپني سان هڪ معاهدي تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن جنهن جي تحت 10 هزار ٽيسٽ ڪٽ شروعاتي طور تي پاڪستان منتقل ڪيون وينديون.پاڪ جاپان بزنس ڪائونسل جي صدر رانا عابد حسين صحافين سان ڳالهيون ڪندي ٻڌايو ته هينئر تائين ڪورونا ٽيسٽ جي نتيجن لاءِ 24 کان 72 ڪلاڪن تائين انتظار ڪيو ويندو آهي پر نئين ٽيڪنالاجي جي ذريعي هاڻ 25 منٽن ۾ ڪورونا وائرس جو نتيجو حاصل ڪري سگهبو. جڏهن ته ان جو ٽيسٽ ڪرڻ به انتهائي آسان ٿي ويو آهي.
