نڪور خبرون
Home / پاڪستان / وزيراعظم جو ترڪي جي جمهوريت واري ڏهاڙي جي موقعي تي ٻڌي جو اظهار

وزيراعظم جو ترڪي جي جمهوريت واري ڏهاڙي جي موقعي تي ٻڌي جو اظهار

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان حڪومت ۽ پاڪستان جي عوام پاران 2016 جي شهيدن جي ياد ۾ ملهايو ويندڙ ترڪي جي جمهوريت ۽ قومي ڏينهن جي موقعي تي صدر رجب طيب اردوان سان ٻڌي جو اظهار ڪيو آهي تفصيل موجب 2016 ۾ ترڪ جمهوريت تي راتاهو هڻڻ جي ڪوشش ناڪام ڪئي ويئي ۽ انهيءَ ڏينهن جي ياد ۾ ترڪي ۾ يوم جموريت ۽ قومي اتحاد ملهايو وڃي ٿو جنهن لاءِ وزيراعظم خاص پيغام جاري ڪيو صدر رجب طيب اردگان جي نالي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان هميشه ترڪي سان ڪلهو ڪلهي سان ملهائي بيهندو ۽ هو فتح الله گولن جي دهشتگرد تنظيم جي خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ ترڪي جي ڪوششن جي حمايت ڪري ٿو هن چيو ته 4 سال اڳ اڄوڪي ڏينهن ترڪي جي عوام مثالي جرئت ۽ همٿ جو مظاهرو ڪندي انهن مخالف قوتن جي چال کي ناڪام ڪري ڇڏيو هو جيڪا ترڪي جي امن ۽ جمهوري ادارن کي نسانو بنائڻ چاهي پئي وزيراعظم چيو ته 15 جولاءِ 2016 تي جنهن انساني جرئت ۽ عزم جو مظاهرو ڪيو اهو سڄي دنيا ۾ ڪروڙين ماڻهن لاءِ تحريڪ ۽ تاريخ ۾ ياد رکيو وڇي ٿو هن چيو ته هڪ صدي اڳ اسانجن وڏڙن کي ساڳئي جذبي متاثر ڪيو هو ۽ انهن پنهنجي ترڪ ڀائرن لاءِ قربانيون ڏيڻ ۾ ڪنهن به قسم جي ڪمزوري جو اظهار نه ڪيو هو هن چيو ته ترڪ ۾ امن ۽ جمهوريت کي نقصان پهچائڻ جي هن ڪوشش جي خلاف آواز اٿاريو هو ۽ اسان شهيدن ۽ ان جي گهرڀارتين کي خراج تحسين پيش ڪرڻ ۾ ترڪ عوام سان گڏ آهيون.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

افغان پرڏيهي وزير کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني آهي: شاهه محمود

اسلام آباد(م ڊ)  پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته 44 سيڪڙو آمريڪي ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے