Home / دنيا / ٽرمپ انتظاميه پرڏيهي شاگردن کي جبري ملڪ موڪلڻ جو حڪم واپس وٺي ڇڏيو

ٽرمپ انتظاميه پرڏيهي شاگردن کي جبري ملڪ موڪلڻ جو حڪم واپس وٺي ڇڏيو

واشنگٽن: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ٽرمپ انتظاميه پرڏيهي شاگردن کي جبري ملڪ  موڪلڻ جو حڪم واپس وٺي ڇڏيو آهي. گذريل هفتي ٽرمپ انتظاميه اعلان ڪيو هو ته آمريڪا ۾ تعليم حاصل ڪندڙ سمورن پرڏيهي شاگردن کي ملڪ ڇڏڻو پوندو جن جون ڪلاسون ڪورونا وبا سبب آن لائن ٿي رهيون آهن. حڪمن تي عمل نه ڪندڙ شاگردن جا ويزا ملتوي ڪري انهن کي جبري طور تي ملڪ بدر ڪرڻ جي ڌمڪي به ڏني  وئي  هئي.ٽرمپ انتظاميه جي ان فيصلي جي خلاف هارورڊ يونيورسٽي ۽ ميس اچوسٽس انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي انتهائي سخت رد عمل جو  اظهار ڪيو هو جنهن کان پوءِ ڪيليفورنيا جي پبلڪ  ڪاليجن ۽ بعد ۾ 17 رياستن فيصلن کي چيلنج ڪيو هو. بوسٽن ۾ وفاقي ڊسٽرڪٽ جج ايلي سن جي هارورڊ ۽ ايم آءِ ٽي طرفان داخل ڪيس جي صدارت ڪرڻي هئي. پر ٻڌڻي کان اڳ ئي جج حيران ڪندڙ اعلان ڪيو ته اسان کي ٻڌايو ويو آهي ته ڌرين جي وچ ۾ اهو معاملو طئي ڪيو ويو آهي.ان اڳڀرائي جي نتيجي ۾ هاڻ اهڙن عالمي شاگردن جن جا ڪورس مڪمل طور تي آن لائن منتقل ٿي چڪا آهن انهن کي جبرن بي دخل نٿو ڪري سگهجي ۽ نه ئي انهن کي  پنهنجي اسڪول يا ڪورس منتقل ڪرڻ جي ضرورت پوندي. هارورڊ يونيورسٽي جو موقف هو ته حڪمن جو مقصد تعليمي ادارن تي دٻاءُ وجهڻ آهي ته هو آن  لائن ڪلاسون ختم ڪري شاگردن کي حاضري تي مجبور ڪن جنهن سان ڪووبا وبا پکڙجڻ جو امڪان وڌيڪ وڌندو.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

جاپان پنجويهه منٽن ۾ ڪورونا جي ٽيسٽ ۽ نتيجو ڏيندڙ ڪٽ تيار ڪري ورتي

ٽوڪيو (مانيٽرنگ ڊيسڪ) جاپان جي مشهور ٽيڪنالاجي ڪمپني صرف 25 منٽن ۾ ڪورونا وائرس جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے