نڪور خبرون
Home / پاڪستان / پاڪستان ۾ ڪرونا مريضن ۾ واڌ ،انگ 2 لک 55 هزار 769 تائين پهچي ويو

پاڪستان ۾ ڪرونا مريضن ۾ واڌ ،انگ 2 لک 55 هزار 769 تائين پهچي ويو

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان ۾ ڪورونا جي تصديق ٿيل ڪيسن جو انگ 2 لک 55 هزار 769 تائين پهچي ويو. جڏهن ته هڪ ئي ڏينهن ۾ 67 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا جنهن کان پوءِ فوتين جو انگ 5 هزار 386 ٿي ويو.نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي تازن انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 2 هزار 165  نوان ڪيس رپورٽ ٿيا. پنجاب ۾ 88 هزار 45، سنڌ ۾ هڪ لک 7 هزار 773، خيبرپختونخواهه ۾ 31 هزار 1، بلوچستان ۾ 11 هزار 239، گلگت بلتستان ۾ هڪ هزار 708، اسلام آباد ۾ 14 هزار 315 جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ هڪ هزار 688 ڪيس رپورٽ ٿيا. رپورٽ موجب سڄي ملڪ ۾ هينئر تائين 16 لک 27 هزار 939 ڄڻن جا ٽيسٽ ڪيا ويا.گذريل 24 ڪلاڪن دوران 21 هزار 749 نوان ٽيسٽ ڪيا ويا. هينئر تائين هڪ لک 72 هزار 810 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن جڏهن ته 2 هزار 78 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. پاڪستان ۾ ڪورونا وگهي هڪ ئي ڏينهن ۾ 67 مريض فوت ٿي ويا آهن جنهن کان پوءِ وائرس سبب فوت ٿي ويلن جو انگ 5 هزار 386 ٿي ويو.پنجاب ۾ 2 هزار 43، سنڌ ۾ هڪ هزار 863، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ هزار 114، اسلام آباد ۾ 155، بلوچستان ۾ 127، گلگت بلتستان ۾ 38 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 46 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

افغان پرڏيهي وزير کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني آهي: شاهه محمود

اسلام آباد(م ڊ)  پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته 44 سيڪڙو آمريڪي ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے