نڪور خبرون
Home / تازا ترين / عذير بلوچ جي ذريعي عورتن جو ڪوئي مسئلو حل ناهي: شرجيل ميمڻ

عذير بلوچ جي ذريعي عورتن جو ڪوئي مسئلو حل ناهي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي اڳوڻي سڌسماءِ جي وزير ۽ پ پ پ جي اڳواڻ شرجيل ميمڻ لياري گينگ وار جي مک سان ملاقات جو اعتراف ڪندي چيو ته مان عذير بلوچ کي ڪڏهن به ڏوهه ڪندي نه ڏٺو بلديه فيڪٽري سانحي ۾ ايم ڪيو ايم جي ملوث هجڻ جو يقين نه آهي پر 12 مئي سانحي ۾ ايم ڪيو ايم جو ڪردار ضرور آهي ڇو ته انهن ماڻهن کي اچڻ جي اجازت ڏني خاص ڳالهه ٻولهه ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته عذير بلوچ جي ذريعي عورتن جو ڪوئي مسئلو حل ناهي ڪرايو هڪ دوست جو ٽرڪ چوري ٿيو هو جنهن لاءِ ظفر بلوچ سان رابطو ڪيو اهڙي طرح هڪ ٻئي عزيز جي گاڏي جي چوري ٿي تڏهن به ظفر بلوچ سان رابطو ڪيو هن چيو ته ڏوهن لاءِ عذير بلوچ سان ڪنهن پيپلزپارٽي جي اڳواڻ رابطو ناهي ڪيو لياري ۾ پيپلزپارٽي امن قائم ڪرڻ لاءِ سڀ کان اڳ ڳالهه ڪئي لياري ۾ مختلف گروپ هئا ۽ اتي پيپلزپارٽي جي ڪارڪنن کي ڳولي ڳولي قتل ڪيو پئي ويو لياري گينگ وار جي مک سان ملاقات جو اعتراف ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته لياري گينگ وار ۽ ڪڇي رابطا ڪميٽي وچ ۾ ٿيل تڪرار کي حل ڪرائڻ دوران ڪي آر سي جي آفيس ۾ ئي هڪ ڀيرو عذير بلوچ سان ملاقات ٿي هئي هڪ سوال جي جواب ۾  شرجيل ميمڻ چيو ته مان عذير کي ڪڏهن به پنهنجي اکين سان ڏوهه ڪندي ناهي ڏٺو عذير بلوچ جي ڪنهن ڏوهه جو شاهد نه آهيان هن چيو ته امن ڪميٽي ڪڏهن به ماڻهن کي ماري انهن جي زميواري قبول ناهي ڪئي ۽ نه ئي عذير بلوچ منهنجي سامهون ڪڏهن به ماڻهن کي ان قتل ڪرڻ لاءِ نه چيو ايتري قدر جو ذوالفقار مرزا عذير جو ويجهو هو پر ان جي وات مان به ڪڌهن نه ٻڌو ته ان ماڻهو مارايا هجن.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

دهشتگردي جا واقعا وڌي رهيا آهن، ايران بارڊ تي به لوهي پتر ڏني ويندي: شيخ رشيد

اسلام آباد: (م ڊ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے