Home / تازا ترين / سنڌ ۾ ايس او پيز تحت مال پڙيون لڳائڻ جي اجازت ، ٻارن جي داخل ٿيڻ تي پابندي هوندي: مراد علي شاهه

سنڌ ۾ ايس او پيز تحت مال پڙيون لڳائڻ جي اجازت ، ٻارن جي داخل ٿيڻ تي پابندي هوندي: مراد علي شاهه

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيرسڪ) سنڌ ۾ ايس او پيز تحت مال پڙيون لڳائڻ جي اجازت ڏني وئي آهي پر ٻارن جي داخل ٿيڻ تي پابندي هوندي.سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو جنهن ۾  سڄي صوبي ۾ مال پڙيون لڳائڻ جي اجازت ڏني وئي. وڏي وزير جي ترجمان موجب سموريون مال پڙيون ايس او پيز تحت کوليون وڃن. گهرو وزارت مال پڙين بابت ايس او پي جاري ڪندي. اجلاس  ۾ فيصلو ڪيو ويو ته گهٽين ۽ پاڙن ۾ مال پڙيون لڳائڻ جي اجازت نه هوندي ۽ ٻارن کي مال پڙين ۾ وٺي وڃڻ تي پابندي هوندي.سنڌ جي وڏي وزير ڊپٽي ڪمشنرز کي هدايت ڪئي آهي ته گهٽي ۽ پاڙن ۾ لڳندڙ مال پڙين جي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.   وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته مڪاني کاتو مال پڙين کان ٽيڪس وصول نه ڪندو. مال پڙيون سنڀاليندڙن کي پابند ڪيو ويندو ته ايس او پيز تي عمل ڪرائين. سنڌ جي وڏي وزير عوام کي اپيل ڪئي آهي ته بنا ڪنهن سبب جي مال پڙين ۾ وڃڻ کان پاسو ڪيو وڃي جڏهن ته مال پڙين ۾ موجود موبائل ٽيم کي ڪورونا وائرس جي ٽيسٽ جي هدايت ڪئي وئي آهي.سنڌ جي وڏي وزير چيو ته جانورن جي قرباني لاءِ مخصوص جڳهه ٺاهي وڃي جيڪڏهن گهٽي ۾ جانور ذٻح ڪيا  ويندا ته ان سان بيماريون پکڙجنديون. سنڌ جي وڏي وزير جي ترجمان جو چوڻ آهي ته قرباني جي لاءِ يونين ڪائونسل سطح تي مخصوص جڳهه ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ان کان علاوه اجلاس ۾ ڪورونا جي هاٽ اسپاٽ علائقن ۾ وڌيڪ ٽيسٽ ڪرڻ جو فيصلو به ڪيو ويو آهي.سنڌ جي وڏي وزير چيو آهي ته صوبائي حڪومت مفت ٽيست ڪري رهي آهي ۽ وڌيڪ ٽيسٽ به ڪيا ويندا. ڪنهن کي به  ڪورونا جون نشانيون محسوس ٿين ته هو ڪورونا جو ٽيسٽ ضرور ڪرائين.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪرونا وگهي وڌيڪ 15 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا، انگ 6 هزار ٿي ويو

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا وائرس وڌيڪ 15 انساني جانيون کسي ورتيون، گذريل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے