Home / پاڪستان / عدليا ۽ ججن خلاف ڳالهائيندڙ افتخارالدين خلاف فرد جرم لاڳو

عدليا ۽ ججن خلاف ڳالهائيندڙ افتخارالدين خلاف فرد جرم لاڳو

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ججن جي توهين ۽ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي قتل جون ڌمڪيون ڏيندڙ جوابدار مرزا افتخارالدين آغا تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏي آهي.اعليٰ عدليه جي ججن جي توهين ۽ جسٽس فائز عيسيٰ کي قتل جون ڌمڪيون ڏيڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ڪئي. جوابدار آغا افتخارالدين کي جيل اختياريون پنهنجي تحويل ۾ سپريم ڪورٽ وٺي آيا جڏهن ته ايف آءِ اي جا لاڳاپيل آفيسر به سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿيا. مرزا افتخارالدين آغا عدالت ۾ پنهنجي موقف ۾ چيو ته مان پنهنجي وڊيو بيان تي دل سان معذرت خواهه آهيان مان انتهائي شرمنده آهيان، قانون کان علاوه بطور مسلمان به معافي چاهيان ٿو.هن چيو ته مون کي الله جي عدالت ۾ به جواب ڏيڻو آهي. مون کي وڊيو جي اپ لوڊنگ ۽ ايڊيٽنگ جي خبر نه هئي. جنهن تي چيف جسٽس چيو ته هي معافي وارو ڪيس ناهي. اوهان عدالت کان مذاق نٿا ڪري سگهو. اهڙي طرح ته پاڪستان جو سمورو نظام فيل ٿي ويندو.جسٽس اعجازالاحسن چيو ته اوهان مسجد جي منبر تي ويهي اها زبان استعمال ڪري رهيا هئا جيڪا ڪو به جاهل ماڻهو به استعمال نٿو ڪري سگهي. اوهان پهريان بيان ڏيو ٿا پوءِ سوشل ميڊيا تي اپ لوڊ ڪندا آهيو اهڙيون وڊيوز اپ لوڊ ڪري پئسا به ڪمائيندا آهيو. جنهن کان پوءِ سپريم ڪورٽ مرزا افتخارالدين جي طرفان داخل ڪرايل گذريل لکت واري جواب تي بي اعتمادي جو اظهار ڪندي سندس مٿان فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏي ۽ جوابدار کي جواب جمع ڪرائڻ جي لاءِ هڪ هفتي جي مهلت ڏئي ڇڏي.عدالت سڳوري طرفان مرزا افخارالدين آغا کي فرد جرم جي ڪاپي به ڏني وئي. ياد رهي ته آغا افتخارالدين مرزا اعليٰ عدليه ۽ ججن جي خلاف توهين جوڳن جملن تي ٻڌل وڊيو وائرل ڪئي هئي جنهن تي عدالت سڳوري گذريل ٻڌڻي تي جوابدار کي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو هو.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪرونا وگهي وڌيڪ 15 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا، انگ 6 هزار ٿي ويو

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا وائرس وڌيڪ 15 انساني جانيون کسي ورتيون، گذريل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے