Home / دنيا / شهرين کي ماسڪ پائڻ جو پابند نه بڻايو وڃي:ٽرمپ

شهرين کي ماسڪ پائڻ جو پابند نه بڻايو وڃي:ٽرمپ

واشنگٽن (مانيٽرنگ ڊيسڪ)  آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طبي ماهرن کي چيو آهي ته آمريڪين کي ڪورونا وائرس جي پکيڙ کان روڪڻ جي لاءِ ماسڪ پائڻ جو حڪم نه ڏنو وڃي.آمريڪي نيوز چينل فوڪس کي انٽرويو ڏيندي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته مان آمريڪا ۾ عوام جي لاءِ ماسڪ کي لازمي پائڻ جي حڪم جي خلاف آهيان ڇو ته ماڻهن جي لاءِ ڪجهه ته آزادي هجڻ گهرجي. ڊونلڊ ٽرمپ جو اهڙو بيان ان وقت سامهون آيو آهي جڏهن آمريڪا جي نيشنل انسٽيٽيوٽ آف انرجي اينڊ انفيڪشن ڊيزيزر جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر انٿوني فائوچي ڪجهه ڏينهن اڳ اهو چيو آهي ته رياست ۽ مقامي حڪمرانن کي عوام کي زبردستي ماسڪ پائڻ جو حڪم ڏيڻ گهرجي.ڊاڪٽر فائوچي جو چوڻ هو ته ماسڪ ڪورونا وائرس کان محفوظ رهڻ جي لاءِ انتهائي اهم آهي ان لاءِ اسان سڀني کي ان جو استعمال ڪرڻ گهرجي. پر اهڙي صورتحال ۾ آمريڪي عوام جو ماسڪ پائڻ سياسي شڪل اختيار ڪري چڪو آهي جڏهن ته ڪجهه مقامي اختيارين شهرين تي ماسڪ پائڻ ذاتي چونڊ جي بجاءِ لازمي شرط قرار ڏئي ڇڏيو آهي.واضح رهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڪورونا وائرس کان بچاءُ جي لاءِ پاڻ ماسڪ پائڻ کان انڪار ڪري چڪو آهي ۽ ان سان گڏوگڏ ماڻهن کي اسڪارف پائڻ جو مشورو به ڏئي چڪو آهي. پر ڪجهه ڏينهن اڳ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ به ماسڪ پائي عوام جي سامهون آيو هو جنهن تي کيس  سخت تنقيد جو نشانو بنايو ويو هيو.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

سڄي دنيا ۾ 2022 تائين ڪورونا وائرس جو خاتمو ٿي ويندو: بل گيٽس

واشنگٽن (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ملٽي نيشنل ٽيڪنالاجي مائيڪروسافٽ جي باني بل گيٽس چيو آهي ته سڄي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے