ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سون وڌيڪ 200 رپيا مهانگو: چاندي جي اگهه ۾ 2 رپيا اضافو، ڊالر جي اگهه ۾ 20 پئسا واڌ، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 113300 مان وڌي 113500 رپيا في تولو ٿي ويو، جڏهن ته چاندي 2 رپيا اضافي سان 2109 مان 1211 رپين تي پهچي وئي، ٻئي طرف اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 167.5 مان 167.7 رپيا ٿي ويو ، هوڏانهن برطانوي پائونڊ 214 رپين واري اگهه تي بيٺل رهيو
