Home / تازا ترين / ٺٽي ۽ ٿر ۾ ماڪڙ جا ولر پهچي ويا، هارين ۽ آبادگارن جون ننڊون حرام

ٺٽي ۽ ٿر ۾ ماڪڙ جا ولر پهچي ويا، هارين ۽ آبادگارن جون ننڊون حرام

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڇاڇري ۾ ماڪڙ کانپوءِ چمڙن جا ڪٽڪ به پهچي ويا، وڻن تي چمڙن جا ولر ڏسي علائقي واسي پريشان، علائقي واسين چيو آهي ته چمڙن گونچ ۽ پَن کائي وڻن کي ناس ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سبب نه رڳو آبادگار پر شهري به پريشاني ۾ مبتلا ٿي ويا آهن، جڏهن ته ميرپور ساڪرو ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ به ماڪڙ جا ڪٽڪ پهچي ويا، ماڪڙ ڀينڊي، مرچ، جنتر ۽ ٻيا فصل کائي ناس ڪري ڇڏيا، سامونڊي پٽيءَ جي آبادگارن جا مٿي تي هٿ، ڪُنري تعلقي ۾ پڪو موڙ، دڙيلو، ٽالهر، نفيس نگر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ماڪڙ فصل کائي چٽ ڪري ڇڏيا، آبادگارن زراعت کاتي کي فوري طور ماڪڙ ماري اسپري ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته وبائي حالتن ۾ سندن فصل ناس ٿي ويا ته کين مالي نقصان برداشت ڪرڻو پوندو.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪرونا وگهي وڌيڪ 15 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا، انگ 6 هزار ٿي ويو

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا وائرس وڌيڪ 15 انساني جانيون کسي ورتيون، گذريل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے