اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ)وفاقي حڪومت جي ترجمان شهباز گِل سنڌ ۾ اٽي جي بحران تي پ پ حڪومت مٿان تنقيد ڪندي چيو آهي ته صوبي ۾ اٽي جو هٿرادو بحران پيدا ڪيو ويو آهي، ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ اندر اٽو مهانگو وڪرو ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته وفاقي حڪومت عوام جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي سنڌ جي عوام کي اٽو مهانگو ملڻ جي ذميوار صوبائي حڪومت ئي آهي هن چيو ته اسان عوام سان ناانصافي ٿيڻ نه ڏينداسين
