Home / پاڪستان / ڪراچي جي نالن جي صفائي لاءِ هڪ ارب سنڌ حڪومت کي مليو، آڊٽ ڪرائي وڃي:خرم شير زمان

ڪراچي جي نالن جي صفائي لاءِ هڪ ارب سنڌ حڪومت کي مليو، آڊٽ ڪرائي وڃي:خرم شير زمان

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف ڪراچي جي صدر ۽ ايم پي اي خرم شير زمان انصاف ھائوس ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو تھ جھڙي طرف ڏسون ٿا سنڌ حڪومت جي نالائقين جا انبار لڳا پيا آھن ڪلھ سوا ڪلاڪ جي بارش سنڌ حڪومت جا سڀ پول پڌرا ڪري ڇڏيا آھن ٻين ملڪن ۾ ماڻھون ان موسم سان لطف اندوز ٿيندا آھن ڪراچي جي ماڻھن نمازن ۾ دعائون گھريون تھ ھي بارش خير جي ھجي پر سنڌ جي نااھل حڪمرانن جي ڪري ھي بارش سنڌ واسين جي لاءِ عذاب بڻجي وئي ڪراچي شھر ۾ نالن جي تعداد 500 کان وڌيڪ آھي انھن جي صفائي جي لاءِ ورلڊ بينڪ پاران ھڪ ارب رپيا سنڌ حڪومت کي ڏنا ويا وزير بلديات ناصر حسين شاھ پنھنجي پريس ڪانفرنس ۾ ايئن ٻڌائي رھيو ھو تھ ھاڻي ماڻھو انھن نالن ۾ ٻيڙيون ھلائيندا مڇي جو شڪار ٿيندو نالن جي صفائي تھ پري جي ڳالھ پر جيڪو ڪم ٿيل ھو اھو بھ پورو نھ ٿي سگھيو آھي ڪراچي ۾ محمودآباد جو نالو تمام گھڻي خراب صورتحال ۾ آھي ڪچرو ڀريو پيو آھي ٻيو وڏو نالو گجر نالو آھي جنھن ۾ سواءِ ڪچري جي ڪجھ نظر نٿو اچي شيرپائو، ڪورنگي نالو، ٽيپو سلطان نالو ۽ نھر خيام سميت سڀ نالا ڪچري سان ڀريا پيا آھن بارش سبب ڪلھ پھريون ڀيرو فرنيچر مارڪيٽ بھ ٻڏل ھئي شاھراھ قائدين ۽ شاھراھ فيصل بھ پاڻي ۾ ٻڌل رھيا سنڌ جو وڏي ۾ وڏو جناح اسپتال بھ پاڻي ۾ تري رھيو ھو بلاول کي ان سڄي ڪم تي شاباش ڏيون ٿا جنھن شھر مان بلاول ۽ ان جو پي کائين ٿا ان تي ڇا بلاول ڪو اجلاس طلب ڪيو ڇا ھن شرجيل ميمڻ ، ناصر حسين شاھ ، سعيد غني، ڄام خان شورو کي گھرائي انھن کان جواب طلب ڪيو تھ ھي نااھلي ڪنھن جي آھي بلاول جو شھر نھ لاڙڪاڻو آھي نھ وري دبئي آھي سندس شھر صرف دبئي آھي انھن کي شرم اچڻ گھرجي تھ ورلڊ بينڪ انھن کي ھڪ ارب رپيا ڏئي چيو تھ نااھلو وڃي پنھنجا نالا ۽ گٽر صاف ڪرايو ھي ان ۾ ڏنڊي ھڻي چڪا آھن 25 ڪروڙ ڏيکاريا ويا باقي 75 ڪروڙ غائب آھن ورلڊ بينڪ انھي ڏنل پيسن جو آڊٽ ڪرائي تھ اھي پيسا ڪٿي خرچ ڪيا ويا آھن سنڌ جا وزير ۽ پيپلزپارٽي جا اڳواڻ ڪرپٽ آھن فوري طور تي پي ايف سي جو نظام بحال ڪيو وڃي ۽ آرٽيڪل 140 اي تحت فنڊ ھيٺين سطح تائين منتقل ڪيا وڃن ڇا ڪڏھن سنڌ جي ماڻھن ٻڌو تھ پشاور ، ملتان يا ڪوئٽا پاڻي ۾ ٻڌو ھجي ھي نااھلي صرف سنڌ ۾ ئي آھي ڇو تھ ھتي جا حڪمران صرف پيسا ٺاھڻ جي چڪر ۾ آھن ان موقعي تي سنڌ اسيمبلي جي ميمبر بلال غفار چيو تھ 12 سالن کان ھنن حڪمرانن جون نااھليون عوام جي سامھون آھن ڪي پي ڪي ۾ 5 سالن کان پي ايف سي ڏنو پيو وڃي پر سنڌ ۾ ھي ڏيڻ جي لاءِ تيار ناھن ھي حڪمران ڳچي تائين ڪرپشن ۾ ڦاٿل آھن گذريل سال وفاقي وزير علي زيدي پاران ليٽس ڪلين ڪراچي مھم ھلائڻ جي سبب نالن ۾ صفايون ٿيون جنھن سبب ڪراچي تباھي کان بچيو پر ھاڻي جن جو ڪم آھي اھي صرف ليڪچر ڏئي رھيا آھن 6 مھينا اڳ شھيد ملت فلائي آوور ٺاھيو ويو ان جي افتتاح محل وڏا جشن ڪيا ويا اڄ وڃي ڏسو ان فلائي آور جي حالت اھو بلڪل ويھي رھيو آھي ڪرڻ وارو آھي ھاڻي ان روڊ کي مڪمل ٽريفڪ جي لاءِ بند ڪيو ويو آھي ايم پي اي سعيد آفريدي چيو تھ سنڌ حڪومت ۾ ڪرڻ جي اھليت ۽ نيت ناھي وفاقي حڪومت جي فنڊ سان منھنجي حلقي ۾ ڪم ٿيا آھن مونسان گڏ ھلو جتي اسان ڪم ڪرايا آھن جيڪڏھن اتي پاڻي ھجي تھ اسين ڏوھي آھيون علي زيدي پاران نالن جي صفائي ڪرڻ بعد نالن جي صفائي لاءِ ڪو بھ انتظام ناھي ڪيو ويو .

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪرونا وگهي وڌيڪ 15 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا، انگ 6 هزار ٿي ويو

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا وائرس وڌيڪ 15 انساني جانيون کسي ورتيون، گذريل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے