Home / پاڪستان / ڪرونا جي حوالي سان پنجاب حڪومت بهترين ڪردار نڀايو آهي: عمران خان

ڪرونا جي حوالي سان پنجاب حڪومت بهترين ڪردار نڀايو آهي: عمران خان

لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان عوام جي ڀلائي لاءِ پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار پاران کنيل قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پنجاب حڪومت ڪورونا کان بچاءُ جي لاءِ بهترين قدم کنيا.رپورٽ موجب وزيراعظم عمران خان   هڪ ڏينهن جي دوري تي لاهور پهچي ويو. وزيراعليٰ هائوس ۾ وزيراعظم عمران خان پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار ملاقات ڪئي جنهن ۾ پنجاب جي معاملن تي ڳالهيون ٿيون. پنجاب جي وڏي وزير صوبي ۾ اٽي، ڪڻڪ جي صورتحال ۽ ڪورونا کان بچاءُ جي  کنيل قدمن تي وزيراعظم کي آگاهي ڏني. جڏهن ته بلوچستان ۾ پنجاب حڪومت جي تعاون سان منصوبن تي به اعتماد ۾ ورتو.وزيراعظم عمران خان عوامي ريليف جي لاءِ پنجاب  حڪومت جي قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته پنجاب حڪومت ڪورونا کان بچاءُ جي لاءِ بهترين قدم کنيا آهن. حڪومتي قدمن سبب ڪورونا وائرس جي ڪيسن ۾ واضح گهٽتائي ٿي آهي. هاڻ حالتون بهتر ٿي رهيون آهن. اسمارٽ لاڪ ڊائون تي حڪومت طرفان ايس او پيز تي به بهتر طريقي سان عمل ڪرايو ويو.صوبي جي دوري دوران وزيراعظم کي راوي روڊ اٿارٽي تحت لاهور ۾ نئين شهر بابت بريف ڪيو ويندو. هو مون سون، وڻڪاري مهم جي به شروعات ڪندو. جنهن ۾ ٻوٽا لڳائڻ جي لاءِ جاپاني ٽيڪنالاجي جو استعمال به متعارف ڪرايو ويندو.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪرونا وگهي وڌيڪ 15 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا، انگ 6 هزار ٿي ويو

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا وائرس وڌيڪ 15 انساني جانيون کسي ورتيون، گذريل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے