Home / رانديون / يو اي اي هلندڙ سال آءِ پي ايل جي ميزباني جي لاءِ تيار ٿي ويو

يو اي اي هلندڙ سال آءِ پي ايل جي ميزباني جي لاءِ تيار ٿي ويو

لاهور: (اسپورٽس نيوز) يو اي اي هلندڙ سال آءِ پي ايل جي ميزباني جي لاءِ تيار آهي. ڪورونا وائرس سبب انڊين پريميئر ليگ ملتوي ٿي وئي هئي. بي سي سي آءِ وڏي شدت سان ان ڳالهه جو منتظر آهي ته هلندڙ سال آڪٽوبر، نومبر ۾ آسٽريليا ۾ شيڊول ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ملتوي ڪرڻ  جو باقاعده اعلان ڪيو ويندو ته جيئن ان کي پنهنجي ليگ ڪرائڻ جو موقعو ملي وڃي.ڀارت ۾ ڪورونا ڪيسن جو انگ 10 لک کان وڌي ويو آهي. ٻئي طرف يو اي اي ۾ 50 هزار مريض سامهون آيا آهن. ورلڊ ڪپ ملتوي ٿيو ته آءِ پي ايل، اماراتي سرزمين تي ڪرائڻ جا امڪان وڌي ويا. بي سي سي آءِ جي صدر سارو گنگولي ۽ چند ٻين عهديدارن نيوٽرل وينيو جو اشارو به ڏئي چڪا آهن. ڏٺو وڃي ته ميزباني جي لاءِ سريلنڪا جو نالو به گردش ۾ آهي پر يو اي اي طرفان پنهنجون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن.دبئي اسپورٽس، سٽي جي  بيڊ آف ڪرڪيٽ ايونٽ سلمان حنيف چيو آهي ته دبئي انٽرنيشنل اسٽيڊيم ۽ آءِ سي سي  اڪيڊمي، آءِ پي ايل جي ميزباني جون ضرورتون پوريون ڪري سگهن ٿا. اسٽيڊيم ۾  انٽرنيشنل معيار جون 9 پچز موجود آهن. ميگاايونٽ جي ميچز کي نظر ۾ رکندي ان تي هاڻ  ڪوبه ميچ ناهي ٿي رهيو ته جيئن اگر  شيڊول موجب بنا ڪنهن وقفي جي مقابلا به ڪرائڻا پيا ته ڪوبه  مثال نه هجي. سيپٽمبر، آڪٽوبر يا نومبر ڪنهن به مهيني ۾ ٽورناميٽ  ٿئي اسان  کي تيارين ۾ ڪابه پريشاني نه ٿيندي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

رانديگرن کي هڪٻئي جي حوصلاافزائي پاڻ ئي ڪرڻي پوندي:مشتاق احمد

اسلام آباد(اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اسپين بولنگ ڪوچ مشتاق احمد جو چوڻ آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے