راولپنڊي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڀارتي فوج هڪ ڀيرو ٻيهر سيزفائر معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪندي ايل او سي تي بنا سبب فائرنگ ڪري ڏني جن جي نتيجي ۾ هڪ نوجوان زخمي ٿي پيو فوج پاران جوابي ڪارروائي کان پوءِ ڀارتي فائرنگ بند ٿي ويئي آءِ ايس پي آر مطابق ڀارتي فوج ايل او سي تي باغ سيڪٽر ۾ آبادي تي فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ هڪ نوجوان سخت زخمي ٿي پيو ڀارتي فوج جي فائرنگ سان مٽيڪا ڳوٺ جو 20 سالن جو نوجوان سخت زخمي ٿيو جنهن کي ويجهي اسپتال پهچايو ويو. پاڪ فوج جي جوانن ڀارتي اڳرائي جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو ۽ ڀارتي چوڪين کي نشانو بڻايو جنهن کان پوءِ ڀارتي فائرنگ بند ٿي ويئي.
