Home / پاڪستان / ٻٽي شهريت معاملو، اليڪشن ڪميشن جو وفاقي وزير فيصل واوڊا کي نوٽيس

ٻٽي شهريت معاملو، اليڪشن ڪميشن جو وفاقي وزير فيصل واوڊا کي نوٽيس

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن پاڻي وسيلنجي وفاقي وزير فيصل واوڊا جي خلاف مبينه ٻٽي شهريت لڪائڻ جي معاملي تي وفاقي وزير کي نوٽيس جاري ڪندي درخواست گذارن کان به جواب طلب ڪري ورتو فيصل واوڊا جي خلاف مبينه ٻٽي شهريت لڪائڻ جي معاملي تي اليڪشن ڪميشن ۾ نااهلي جي درخواستن تي ٻڌڻي چيف اليڪشن ڪمشنر جي سربراهي ۾ 5 ميمبرن تي ٻڌل ڪميشن ڪئي فيصل واوڊا پاران ڪوبه اليڪشن ڪميشن ۾ پيش نه ٿيو اليڪشن ڪميشن درخوست گذارن کان درخواست ٻڌڻي جوڳي هجڻ بابت جواب طلب ڪري ورتو. اليڪشن ڪميشن فيصل واوڊا کي به نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو. چيف اليڪشن ڪمشنر درخواست ڏيندڙن کي حڪم ڏنو ته ايندڙ ٻڌڻي تي اوهان جواب جمع ڪرائي دليل ڏيو اليڪشن ڪميشن چيو ته جيڪڏهن فيصل واوڊا پاران ايندڙ ٻڌني تي ڪو پيش نه ٿيو ته هڪ طرفي ڪارروائي ڪنداسين. اليڪشن ڪميشن درخواست ڏيندڙن کي جواب جمع ڪرائڻ لاءِ 15 ڏينهن جو وقت ڏيئي ڇڏيو فيصل واوڊا جي وڪيل گذريل ٻڌڻي تي درخواستون ٻڌڻي جوڳيون هجڻ تي اعتراض واريو هو.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

تعليمي ادارا فيصلي سان درسي عمل متاثر ٿيندو: شفقت محمود

اسلام آباد: (م ڊ)  تعليم کاتي جي وفاقي وزير شفقت محمود چيو آهي ته تعليمي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے