Home / پاڪستان / ڪرونا وائرس پاڻمرادو نوٽيس ڪيس ،سنڌ حڪومت اڳڀرائي رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع

ڪرونا وائرس پاڻمرادو نوٽيس ڪيس ،سنڌ حڪومت اڳڀرائي رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ۾ ڪرونا وائرس پاڻمرادو نوٽيس ڪيس ۾ سنڌ حڪومت اڳڀرائي رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏي جنهن ۾ چيو ويو ته سنڌ حڪومت جي سالياني بجيٽ جو ڪاٿو 1241.1257 ارب رپيا آهي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪل بجيٽ مان 3 ارب 87 ڪروڙ 12 لک کان وڌيڪ رقم گاڏيون خريد ڪرن لاءِ رکي آهي گاڏين لاءِ رکيل رقم ڪل بجيٽ جو 0.31 سيڪڙو بڻجي ٿو پوليس جي گاڏين جي خريداري لاءِ 2 ارب رپيا رکيا ويا آهن 742 ملين رپين کان وڌيڪ رقم بورڊ آف روينيو جي گاڏين لاءِ رکي آهي 293.79 ملين رپيا قانون ۽ پارليماني معاملن ۽ ججز جي گاڏين لاءِ رکيا ويا آهن رپورٽ مطابق 134 ملين رپيا زراعت کاتي جون گاڏيون خريد ڪرڻ لاءِ رکيا آهن 69.181 ملين رپيا صحت جڏهن ته 632.256 ملين رپيا ٻين 27 کاتن لاءِ رکيا ويا آهن سنڌ حڪومت 24 جون تي پاڪستان ۾ ٺهندڙ نئين گاڏين ۽ ٻاهران گرايل گاڏين تي پابندي لڳائي نئين گاڏين تي پابندي ترقياتي ۽ غير ترقياتي بجيٽ ٻنهي تي لاڳو ٿيندي رپورٽ مطابق ضرورت تحت نيون گاڏيون خريد ڪرڻ جي حوالي سان پابندي هٽائڻ جو اختيار صوبائي ڪابينه جي منظوري سان مشروط آهي گذريل ٽن مالياتي سالن دوران سنڌ حڪومت گاڏين لاءِ 9 ارب 26 ڪروڙ 78 لک رپيا رکيا ويا رپورٽ مطابق ٽن سالن ۾ رکيل رقم ۾ 79 ڪروڙ 56 لک رکيا خرچ ڪيا ويا رپورٽ ۾ چيو ويو ته سنڌ حڪومت جي رپورٽ ۾ خرچن لاءِ رکيل بجيٽ جي ٽن سالن جو تفصيل به جمع ڪرايو ويو آهي سنڌ حڪومت چيو ته ڪراچي جي ترقي لاءِ 45 ارب 70 ڪروڙ رپيا رکيا آهن، ڪراچي بي آر ٽي رٿا جي ڪل لاڳت 62 ارب 67 ڪروڙ رپيا آهي رپورٽ م چيو ويو ته ڪراچي بي آر ٽي لاءِ هلندڙ سال 1980 ملين رپيا رکيا ويا آهن سنڌ حڪومت تعليم لاءِ 21 ارب 8 ڪروڙ 20 لک رپيا رکيا آهن تعليم لاءِ رکيل رقم ڪل ترقياتي بجيٽ جو 13.6 سيڪڙو آهي سنڌ حڪومت صحت لاءِ 28 ارب 98 ڪروڙ رپيا رکيا آهن سنڌ حڪومت جو صحت لاءِ رکيل بجيٽ ڪل ترقياتي بجيٽ جو 18.76 سيڪڙو آهي واٽر سپلاءِ ۽ پاڻي جي نيڪال لاءِ 18 ارب 70 ڪروڙ رپيا خرچ ٿيندا رپورٽ ۾ چيو ويو ته سنڌ ۾ 23 جون کان 17 جولاءِ تائين ڪرونا ڪيس 72 هزار 6 سئو 56 مان وڌي هڪ لک 11هزار 238 ٿي ويا  آهن سنڌ ۾ ڪرونا جا مريض صحتياب ٿيڻ جي شرح 79 سيڪڙو تائين ٿي ويئي آهي سنڌ ۾ 88 هزار هڪ سئو 3 مريض صحتياب ٿيا هن وقت تائين ڪرونا وگهي 1952 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن سنڌ ۾ حياتي بچائڻ واريون دوائون مهانگي اگهه تي وڪرو ڪرڻ تي سخت ايڪشن ٿي رهيو آهي مهانگيون دوائون وڪرو ڪرڻ جي خلاف انتظاميه 19 لک 29 هزار رپين جو ڏنڊ ڪري چڪي آهي سنڌ حڪومت لاڪ ڊائون ۾ 15 آگسٽ تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي سنڌ حڪومت عيدالضحيٰ جي حوالي سان ايس او پيز ٺاهي ڇڏيا آهن.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

تعليمي ادارا فيصلي سان درسي عمل متاثر ٿيندو: شفقت محمود

اسلام آباد: (م ڊ)  تعليم کاتي جي وفاقي وزير شفقت محمود چيو آهي ته تعليمي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے