Home / شوبز / سونم ڪپور مٿان لنڊن پهچڻ واري وڊيو شيئر ڪرڻ تي تنقيد

سونم ڪپور مٿان لنڊن پهچڻ واري وڊيو شيئر ڪرڻ تي تنقيد

ممبئي: (شوبز) بالي ووڊ اداڪاره کي لنڊن پهچڻ کان پوءِ پنهنجي وڊيو شيئر ڪرڻ ايترو مهانگو پئجي ويو جو مخالفن سندس مٿان سخت تنقيد شروع ڪري ڏني آهي.اداڪاره سونم ڪپور دبئي ۾ پنهنجي مڙس آنند آهوجا سان گڏ لنڊن رواني ٿي جتي پهچڻ کان پوءِ کيس ڪورونا وائرس سبب 14 ڏينهن جو قرنطينه ڪرڻو هو. هن لنڊن پهچڻ جي ٻئي ڏينهن ئي انسٽاگرام تي هڪ وڊيو شيئر ڪئي جنهن ۾ کيس هڪ پارڪ ۾ ويٺل ڏيکاريو ويو. ان جي اها وڊيو سوشل ميڊيا  تي وائرل ٿي وئي ۽ ڪيترن ئي صارفين سندس مٿان تنقيد شروع ڪري ڏني.سوشل ميڊيا تي تبصرو ڪندي ماڻهن چيو ته سونم ڪپور تي به سماجي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي پر هن غير ذميواري جو مظاهرو ڪيو آهي. ان سبب ڪيترائي ماڻهو ڪورونا جو شڪار ٿي  سگهن ٿا پر کيس فڪر ئي ناهي. ڪجهه ماڻهن ته ايستائين به چيو ته  سونم قرنطينه جي اصولن جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي جنهن تي کيس گرفتار ڪري ڏنڊ لاڳو ڪرڻ گهرجي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ايان علي 27 بهارون ماڻي ورتيون، سالگرهه جون تصويرون شيئر

ڪراچي (شوبز) پاڪستان جي مآڊل ۽ ڳائڻي ايان علي جو چوڻ آهي هو ته اڄ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے