Home / پاڪستان / ملڪ ۾ ڪرونا وگهي وڌيڪ 31 ڄڻا فوت ٿيا، فوتين جو ڪل انگ 5599 ٿي ويو

ملڪ ۾ ڪرونا وگهي وڌيڪ 31 ڄڻا فوت ٿيا، فوتين جو ڪل انگ 5599 ٿي ويو

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 31 ڄڻا ڪرونا وگهي فوت ٿيا جنهن کان پوءِ فوتين جو انگ 5599 ٿي ويو نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر مطابق گذريل 24 ڪلاڪن اندر ڪرونا جا هڪ هزار 587 ڪيس رپورٽ ٿيا جنهن کان پوءِ مريضن جو ڪل انگ 2 لک 65 هزار 83 ٿي ويو ڪرونا مان صحتياب ماڻهن جو انگ 2 لک 5 هزار 929 ٿي ويو آهي فعال ڪيسن جو انگ 53 هزار 555 آهي هڪ ڏينهن ۾ ڪرونا وائرس جا وڌيڪ 31 ماڻهو لاڏاڻو ڪري ويا جنهن کان  پوءِ فوتين جو انگ 5 هزار 599 ٿي ويو سنڌ ۾ ڪرونا مريضن جو انگ هڪ لک 13 هار 7 ٿي ويو آهي پنجاب ۾ 90 هزار 191، خيبرپختونخواهه ۾ 32 هزار 86، بلوچستان ۾ 11 هزار 436، اسلام آباد ۾ 14 هزار 599، آزاد ڪشمير ۾ هڪ هزار 915 ۽ گلگت بلتستان ۾ هڪ هزار 849 ڪرونا جا مريض آهن گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪرونا جا 19 هزار 108 ٽيسٽ ڪيا ويا ۽ هن وقت تائين گڏيل طور تي 17 لک 40 هزار 768 ٽيسٽ ٿي چڪا آهن ملڪ جي 733 اسپتالن ۾ ڪرونا مريضن لاءِ طبي سهولتون آهن ۽ هن وقت 2 هزار 541 مريض اسپتالن ۾ داخل آهن ڪرونا وينٽي ليٽرز جو انگ 1825 آهي ۽ 260 مريض وينٽي ليٽر تي آهن.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪرونا وگهي وڌيڪ 15 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا، انگ 6 هزار ٿي ويو

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا وائرس وڌيڪ 15 انساني جانيون کسي ورتيون، گذريل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے