Home / شوبز / ايان علي 27 بهارون ماڻي ورتيون، سالگرهه جون تصويرون شيئر

ايان علي 27 بهارون ماڻي ورتيون، سالگرهه جون تصويرون شيئر

ڪراچي (شوبز) پاڪستان جي مآڊل ۽ ڳائڻي ايان علي جو چوڻ آهي هو ته اڄ جيڪو ڪجهه به آهي رڳو الله تعاليٰ ۽ پنهنجي گهرڀاتين جي ڪري آهي اهو ئي سندس ڪاميابي جو راز آهي. گذريل ڏينهن ايان علي پنهنجي 27هين سالگرهه ملهائي جنهن جون تصويرون فوٽو ڪولاج ۾ هن ٽوئٽر تي شيئر ڪيون ۽ پيغام جاري ڪيو. ايان علي طرفان ٽوئٽر تي شيئر ڪيل فوٽو ڪولاج ۾ پنج مختلف قسمن جا ڪيڪ رکيل آهن جڏهن ته ميز جي چوڌاري سالگرهه لاءِ خاص طور تي ڦوڪڻا لڳايا ويا آهن. ماڊل پاڻ کي سالگرهه جون مبارڪون ڏيندي لکيو ته الحمد الله مان اڄ جيڪو ڪجهه به آهيان رڳو الله تعاليٰ ۽ پنهنجي گهرڀاتين جي ڪري آهيان اهو ئي منهنجي ڪاميابي جو راز آهي هن سالگرهه جي ڪيڪ بابت ٻڌايو ته اڇي، گولڊن ۽ نيري رنگ جو ڪيڪ گهرڀاتين طرفان آهن جڏهن ته گولڊن ۽ ڪارو ڪيڪ خوبصورت ۽ وڏو آهي اهو ايان علي جي سڀ کان پياري ساهيڙي نيني موڪليو آهي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

سونم ڪپور مٿان لنڊن پهچڻ واري وڊيو شيئر ڪرڻ تي تنقيد

ممبئي: (شوبز) بالي ووڊ اداڪاره کي لنڊن پهچڻ کان پوءِ پنهنجي وڊيو شيئر ڪرڻ ايترو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے