نڪور خبرون
Home / رانديون / ويرات ڪوهلي ۽ ڊيرن سيمي جون مسلمانن کي عيد مبارڪون

ويرات ڪوهلي ۽ ڊيرن سيمي جون مسلمانن کي عيد مبارڪون

نئين دهلي (اسپورٽس نيوز) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ويرات ڪوهلي مسلمانن کي عيدالاضحيٰ جون مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته اهو تهوار خوشي، پيار ۽ محبت سان ملهايو. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ڀارتي ڪرڪيٽر ويرات ڪوهلي عيدالاضحيٰ جي مناسبت سان پيغام جاري ڪيو. هن لکيو ته عيدالاضحيٰ جو تهوار ملهائيندڙن کي هن ڏينهن جي خوشين جي تمام گهڻي مبارڪ هجي، عيدالاضحيٰ جهڙو تهوار خوشيون ۽ محبت ورهائيندي ملهايو. هوڏانهن ويسٽ انڊين ڪرڪيٽر ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ڊيرن سيمي به مسلمان کي عيدالاضحيٰ جون مبارڪون ڏنيون. ڊيرن سيمي ٽوئيٽر تي لکيو ته منهنجي سڀني ڀائرن ۽ ڀينرن کي عيد جون مبارڪون.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

عرفان جونيئر گذريل سيزن ۾ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو هو: محمد حفيظ

لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي آل رائونڊر محمد حفيظ نوجوان فاسٽ بالر عرفان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے