Home / پاڪستان / شاهه محمود قريشي، پرويز خٽڪ ۽ معيد يوسف جي ايل او سي سيڪٽر چري ڪوٽ جو دورو ڪيو

شاهه محمود قريشي، پرويز خٽڪ ۽ معيد يوسف جي ايل او سي سيڪٽر چري ڪوٽ جو دورو ڪيو

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڪشميرين جي حق خوداراديت جي جدوجهد جاري رهندي ۽ پاڪستاني قوم ڪشميرين سان گڏ بيٺل آهي.ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ شاهه محمود قريشي، بچاءَ واري وزير پرويز خٽڪ ۽ قومي سلامتي واري مشير معيد يوسف فوجي اختيارين سان گڏجي ايل او سي سيڪٽر چري ڪوٽ جو دورو ڪيو. ان موقعي تي فوجي اختياري به وفاقي وزيرن سان گڏ هئا. دوري دوران فوجي اختيارين طرفان پرڏيهي  وزير کي بريفنگ به ڏني وئي. شاهه محمود قريشي لائين آف  ڪنٽرول تي مقرر پاڪ فوج  جي جوانن جي عظمت، همٿ ۽ جذبي کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته سموري قوم پنهنجي جوانن جي بهادري تي فخر ڪري ٿي، ڀارت جيڪو به ڪري، ڪشميرين 5 آگسٽ کي رد ڪري ڇڏيو آهي، پنج آگسٽ جا قدم ڪو به قبول نه ڪندو. ڪشميرين جي حق خوداراديت جي جدوجهد جاري رهندي، پاڪستان قوم ڪشميرين سان  گڏ بيٺل آهي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

حڪومت جي بدترين ڪارڪردگي دنيا سامهون آهي: شهباز شريف

اسلام آباد: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) مسلم ليگ(ن) جي صدر شهباز شريف چيو آهي ته نه مان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے