Home / پاڪستان / پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس ڪيسن جي انگ ۾ گھٽتائي،5 هزار 984 ڄڻا فوت ٿي چڪا

پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس ڪيسن جي انگ ۾ گھٽتائي،5 هزار 984 ڄڻا فوت ٿي چڪا

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جي صورتحال بهتري طرف وڃي رهي آهي ۽ عيد جي موقعي تي ڪيسن جي انگ ۾ گھٽتائي مستقبل لاءِ اميد جي روشني پيدا ڪري ڇڏي آهي. ملڪ ۾ هن وقت تائين ڪورونا وائرس جي تصديق ٿيل ڪيسن جو انگ 2 لک 80 هزار 29 ٿي ويو آهي جنهن مان 5 هزار 984 ڄڻا فوت جڏهن ته 2 لک 48 هزار 873 صحتياب به ٿي چڪا آهن. اڄ 3 آگسٽ جي صبح تائين ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 172 نوان ڪيس ۽ 7 فوتگين جي واڌ ٿي آهي جڏهن ته 296 ڄڻا صحتياب به ٿيا آهن. واضح رهي ته ملڪ ۾ ڪورونا وائرس 6 مهيني ۾ داخل ٿي چڪو آهي ۽ گذريل 5 مهينن دوران ان جي ڪيسن ۾ پهريان تيزي سان واڌ ۽ هاڻ گھٽتائي ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي. ملڪ ۾ ڪيسن جي گھٽتائي جو سبب ٽيسٽ جي انگ ۾ گھٽتائي به آهي پر حڪومتي عهديدار ان کي حڪومتي حڪمت عملي جي ڪاميابي قرار ڏين ٿا. پنجاب پنجاب صوبي ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 24 نوان ڪيس ۽ 4 فوتگيون رپورٽ ٿيون آهن. سرڪاري انگن اکرن لاءِ قائم ڪيل پورٽل موجب صوبي ۾ 24 نون ڪيسن کان پوءِ گڏيل ڪيسن جو انگ 93 هزار 197 ٿي ويو آهي. ان کان سواءِ وڌيڪ 4 ڄڻا فوت ٿيڻ کانپوءِ فوتگين جو گڏيل انگ 2 هزار 148 تائين پهچي ويو آهي. خيبرپختونخواهه خيبرپختونخواهه ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 63 ڪيس ظاهر ٿيڻ سان گڏوگڏ 2 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. خيبرپختونخواهه جي صحت کاتي طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب صوبي ۾ وڌيڪ 63 ڄڻا متاثر ٿيڻ سان ڪيسن جو گڏيل انگ 34 هزار 223 ٿي ويو آهي. ان کان سواءِ صوبي ۾ وڌيڪ ٻه اجل جو شڪار ٿيڻ سان فوتگين جو گڏيل انگ 1202 تائين پهچي ويو آهي. بلوچستان بلوچستان ۾ ڪورونا وائرس وڌيڪ 31 ڄڻن کي متاثر ڪيو. حڪومت طرفان جاري ڪيل رپورٽ موجب صوبي ۾ وڌيڪ 31 نون مريضن کانپوءِ ڪيسن جو گڏيل انگ 11 هزار 774 ٿي ويو آهي. اسلام آباد وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ ڪورونا وائرس وڌيڪ 24 ڄڻن کي متاثر ڪيو. سرڪاري انگن اکرن موجب اسلام آباد ۾ نوان ڪيس سامهون اچڻ کان پوءِ ڪيسن جو گڏيل انگ 15 هزار 76 تائين پهچي ويو آهي. گلگت بلتستان گلگت بلتستان ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 23 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. سرڪاري پورٽل موجب 24 ڪلاڪن ۾ سامهون آيل 23 ڪيسن کان پوءِ ڪيسن جو گڏيل انگ 2 هزار 180 تائين پهچي ويو آهي. آزاد ڪشمير ملڪ ۾ سڀ کان گھٽ متاثر علائقي آزاد ڪشمير ۾ وڌيڪ 7 ڪيس ۽ هڪ فوتگي جي تصديق ٿي آهي. سرڪاري انگن اکرن موجب آزاد ڪشمير ۾ 7 نون ڪيسن کان پوءِ گڏيل انگ 2 هزار 93 تائين پهچي ويو آهي. ان کان سواءِ هڪ ٻيو فرد جي لاڏاڻي کانپوءِ فوتگين جو انگ 54 ٿي ويو آهي. صحتياب ٿيل ملڪ ۾ ڪورونا وائرس مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ به 88 سيڪڙو کان وڌيڪ ويو آهي. سرڪاري انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 296 مريض صحتياب ٿيا. سموري ملڪ ۾ ان عالمي وبا مان صحتياب ٿيندڙ جو گڏيل انگ 2 لک 48 هزار 873 ٿي ويو آهي جيڪو گڏيل ڪيسن جي 88 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

حڪومت جي بدترين ڪارڪردگي دنيا سامهون آهي: شهباز شريف

اسلام آباد: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) مسلم ليگ(ن) جي صدر شهباز شريف چيو آهي ته نه مان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے