Home / پاڪستان / حڪمران پنهنجي انا ڇڏي عوام کي گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪن: بلاول

حڪمران پنهنجي انا ڇڏي عوام کي گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪن: بلاول

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عيدالضحيٰ جي خوشي جي موقعي تي حڪمران پنهنجي سکڻي انا کي ڇڏي عوام کي متحد ڪرڻ جي ڪوشش ڪن پنهنجي پيغام ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سڄي دنيا ۾ آباد مسلمانن کي عيدالضحيٰ جون مبارڪون ڏيان ٿو اڄ هر مسلمان کي پنهنجي انا قربان ڪرڻ جو عزم ڪرڻو پوندو انا قربان ڪرڻ سان هڪ عظيم مقصد لاءِ اتحاد سان ڪم ڪرڻو پوندو هن چيو ته عوام عيد سادگي سان ملهائي معاشرتي وٿي ۽ احتياطي اپائن تي عمل ڪري بلاول ڀٽو چيو ته حڪمران ڪرپشن بند ڪرڻ آيا هئا پر انهن پينشن بند ڪري ڇڏي آهي. سرڪاري ملازم ۽ مزدورن سان معاشي ناانصافي تي خاموش نه رهنداسين تبديلي جي نالي تي سڀ کان وڌيڪ معاشي زيادتي پنجاب جي عوام سان ٿي پنجاب جا فنڊ هڙپ ڪيا ويا ۽ گونگو وڏو وزير خاموش آهي پ پ پ چيئرمين چيو ته وقت اچي ويو آهي حڪومت جو جعلي احتسابي ڊرامو وائکو ڪيو وڃي ڪرپشن الزامن جي باوجود بزدار ۽ ٻين وزيرن جي خلاف نيب ڪارروائي نه پئي ڪري هن چيو ته سياسي پارٽين ڪردار ادا نه ڪيو ته مهانگائي جو ستايل عوام وڌيڪ انتظار نه ڪندو.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

تعليمي ادارا فيصلي سان درسي عمل متاثر ٿيندو: شفقت محمود

اسلام آباد: (م ڊ)  تعليم کاتي جي وفاقي وزير شفقت محمود چيو آهي ته تعليمي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے