Home / پاڪستان / آرمي چيف جي اڳوڻي فوجي قيادت سان ملاقات، صلاح مشورا

آرمي چيف جي اڳوڻي فوجي قيادت سان ملاقات، صلاح مشورا

لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪ فوج جي سپهه سالار جنرل قمر جاويد باجوه لاهور جو دورو ڪيو جتي هن ملڪ جي سيڪيورٽي صورتحال تي اڳوڻي عسڪري قيادت سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه لاهور پهچي ويو. جتي هن ڪور هيڊ ڪوارٽر لاهور ۾ حاضر سروس ۽ ريٽائرڊ فوجي آفيسرن سان ملاقات ڪئي.ان موقعي تي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه پيشوارانه معاملن ۽ خطي  جي سيڪيورٽي صورتحال تي خيالن جو اظهار ڪيو. هن امن ۽ استحڪام لاءِ ڪوششن، ان جي  ثمرات سميت پيش ايندڙ چيلنجن ۽ موقعن تي به روشني وڌي.شرڪت ڪندڙن مختلف پهلوئن تي تجويزون ڏنيون. آءِ ايس پي آر موجب اڳوڻي عسڪري قيادت ۾ جنرل ريٽائرڊ جهانگير ڪرامت، جنرل ريٽائرڊ احسن سليم، جنرل ريٽائرڊ طارق مجيد، جنرل ريٽائرڊ راشد محمود، جنرل ريٽائرڊ راحيل شريف به ملاقات ۾ شريڪ هئا.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

تعليمي ادارا فيصلي سان درسي عمل متاثر ٿيندو: شفقت محمود

اسلام آباد: (م ڊ)  تعليم کاتي جي وفاقي وزير شفقت محمود چيو آهي ته تعليمي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے