Home / تازا ترين / سنڌ حڪومت اقتدار جو حق وڃائي چڪي، پ پ تي پابندي لڳڻ گهرجي: خرم شير زمان

سنڌ حڪومت اقتدار جو حق وڃائي چڪي، پ پ تي پابندي لڳڻ گهرجي: خرم شير زمان

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پيپلز پارٽي اقتدار ۾ رهڻ جو حق وڃائي چڪي آهي، هاڻي مٿس مڪمل طور پابندي لڳڻ گهرجي، ڪراچي جي عوام کي پيپلز پارٽي جي نااهلي مان رليف ڏيارڻ لاءِ اين ڊي ايم اي کي ذميواري ڏني وئي، مسئلن جي حل لاءِ نه، پي ٽي آءِ اڳواڻ خرم شير زمان ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس چيو آهي ته پيپلز پارٽي جي نااهلي سبب بارڊرز تي فرض نڀائيندڙ فوج کي گٽر صاف ڪرڻ لاءِ گهرايو ويو آهي، مڪاني ادارن واري وزير سميت پ پ جا سمورا وزير رڳو ڪرپشن ڪرڻ ۾ رُڌل آهن، هاڻ سندن ڌُلائي جي ضرورت آهي، ڪراچي چيمبر جي چيئرمين سراج قاسم تيلي ڪراچي کي 5 سالن لاءِ فوج حوالي ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، سراج قاسم تيلي چيو ته 90 جي ڏهاڪي کان اقتدار ۾ رهندڙ سياسي پارٽيون همدردي جون مستحق ناهن، ڪراچي کي صاف ڪرڻ لاءِ اين ڊي ايم اي ۽ ايف ڊبليو او کي روڊ نيٽ ورڪ ٺاهڻ جو به ٽاسڪ ڏنو وڃي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

آواران ۾فورسز جو آپريشن، 4 دهشتگرد مارجي ويا، ڪيترائي ٺڪاڻا تباهه

راولپنڊي(م ڊ) بلوچستان جي ضلعي آواران ۾ فورسز جي آپريشن ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا.آءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے