Home / پاڪستان / اي پي ايس سانحي ۾ شهيد ٿي ويل ٻارڙن جا والدين سپريم ڪورٽ ۾ پيش

اي پي ايس سانحي ۾ شهيد ٿي ويل ٻارڙن جا والدين سپريم ڪورٽ ۾ پيش

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ اي پي ايس سانحي جي جاچ ڪميشن جي رپورٽ تي حڪومت کان 4 هفتن ۾ جواب طلب ڪري ورتو آهي.سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس پاڪستان جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ آرمي پبلڪ اسڪول سانحي واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت جاچ ڪميشن جي رپورٽ تي وفاقي حڪومت کان 4 هفتن ۾ جواب طلب ڪري ورتو ۽ آرمي اسڪول سانحي واري جاچ ڪميشن جي رپورٽ کي اٽارني جنرل کي فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو.عدالت اٽارني جنرل کي چيو ته ايندڙ ٻڌڻي تي هدايتون کڻي عدالت کي آگاهي ڏيو. ٻڌڻي جي موقعي تي آرمي پبلڪ اسڪول جي شهيدن جا والدين عدالت ۾ پيش ٿيا ۽ چيو ته عدالت کان درخواست آهي ته اسان سان انصاف ڪيو وڃي. ان تي چيف جسٽس پاڪستان چيو ته اوهان سان جيڪو به ٿيو اهو غلط ٿيو اهو ڪنهن به صورت ۾ نه ٿيڻ گهرجي. مون کي اوهان سان تمام گهڻي همدردي آهي.چيف جسٽس چيو ته عدليه اوهان جي محافظ آهي ۽ جيڪي حقيققتون رپورٽن ۾ آيون آهن ان تي فيصلو عدالت کي ئي ڪرڻو آهي جنهن کان پوءِ عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 4 هفتن جي لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

تعليمي ادارا فيصلي سان درسي عمل متاثر ٿيندو: شفقت محمود

اسلام آباد: (م ڊ)  تعليم کاتي جي وفاقي وزير شفقت محمود چيو آهي ته تعليمي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے