Home / دنيا / ڪشميرين جي جدوجهد کان ڊنل ڀارت وادي ۾ ڪرفيو لڳائي ڇڏيو

ڪشميرين جي جدوجهد کان ڊنل ڀارت وادي ۾ ڪرفيو لڳائي ڇڏيو

نئين دهلي (مانيٽرنگ ڊيسڪِ) ڀارت پاران والاريل ڪشمير جي خودمختياري حيثيت ختم ڪرڻ جي جابراڻن قدمن کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي احتجاجي مظاهرن جي ڊپ کان هڪ ڏينهن اڳ ئي سڄي وادي ۾ ڪرفيو لڳايو ويو ذريعن مطابق والاريل ڪسمير جي مرڪزي شهر سرينگر لاءِ جاري حڪومتي هدايتنامي ۾ چيو ويو ته هي پابنديون فوري طور تي لاڳو ٿينديون ۽ 4 ۽ پنج آگسٽ تائين لڳل رهنديون ان ڏس ۾ هڪ سينيئر پوليس عهديدار سڃاڻپ ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته ڪشمير جي سمورن ضلعن ۾ مڪمل طور تي ڪرفيو لاڳو رهندو مڪمل ڪرفيو جو مطلب ان دوران صرف ۽ صرف خاص سرڪاري پاس جي ذريعي چرپر ممڪن آهي جيڪا سروسز مثال طور پوليس ۽ طبي عملي لاءِ جاري ڪئي وڃي ٿي. ٻيو ڪشميري عوام گهرن تائين محدود رهندو.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٽرمپ انتظاميه پرڏيهي شاگردن کي جبري ملڪ موڪلڻ جو حڪم واپس وٺي ڇڏيو

واشنگٽن: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ٽرمپ انتظاميه پرڏيهي شاگردن کي جبري ملڪ  موڪلڻ جو حڪم واپس وٺي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے