اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) واپار جي صلاحڪار عبدالرزاق دائود چيو آهي ته جولاءِ 2020 ۾ ايڪسپورٽ ۾ نمايان واڌ ٿي هڪ بيان ۾ عبدالرزاق دائود چيو ته جولاءِ 2020 ۾ گذريل سال جولاءِ جي ڀيٽ ۾ ايڪسپورٽ ۾ 5.8 سيڪڙو واڌ ٿي مارچ 2020 کان ايڪسپورٽ ۾ گهٽتائي ڏسڻ ۾ اچي رهي هئي عبدالرزاق دائود چيو ته ايڪسپورٽ ۾ واڌ هڪ وڏي ڪاميابي آهي ڪرونا سماٽ لاڪ ڊائون جي باوجود اسان جي ايڪسپورٽ وڌي رهي آهي هن چيو ته هن ڪاميابي تي مان ايڪسپورٽرز کي مبارڪون ڏيان ٿو مان اميد ڪيان ٿو ته ايڪسپورٽ ايئن ئي وڌندي هن چيو ته هلندڙ سال جولاءِ ۾ ايڪسپورٽ هڪ ارب 99 ڪروڙ ڊالر رهي.
