Home / پاڪستان / ڪشميرين جو پاڪستاني بڻجڻ وارو خواب ساڀيان ٿيڻ وارو آهي: وزيراعظم

ڪشميرين جو پاڪستاني بڻجڻ وارو خواب ساڀيان ٿيڻ وارو آهي: وزيراعظم

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ايران ۽ سعودي عرب وچ ۾ فوجي تڪرار روڪڻ لاءِ بهترين ڪردار ادا ڪيو. عرب خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان سعودي عرب ۽ ايران وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ کي ختم ڪرڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ خطي ۾ فوجي ڪارروائي جي وڌندڙ امڪان کي روڪيو. هن چيو ته خطي جي ٻن ملڪن وچ ۾ عسڪري ٽڪراءَ جي امڪان سان وچ اوڀر لاءِ بدترين حالتون پيدا ٿيون، ايران ۽ سعودي عرب وچ ۾ ٽياڪڙي جو نتيجو سستي جو شڪار هجڻ باوجود پاڪستان ٽياڪڙي لاءِ مسلسل ڪوششون ڪري رهيو آهي، ٻنهي ملڪن ۾ اسان جي ٽياڪڙي بيٺي ناهي پر اسان ان تي آهستي آهستي اڳڀرائي ڪري رهيا آهيون. سندس چوڻ هو ته پاڪستان ايران ۽ سعودي عرب وچ ۾ فوجي مزاحمت روڪڻ لاءِ بهترين ڪردار ادا ڪيو ۽ اسان جون ڪوششون ڪامياب ٿيون. عمران خان وڌيڪ چيو ته ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي معاشي مفادن خاطر پاڪستان جي هر قسم جي پرامن ڪوشش کي رد ڪيو، ڀارت سان تڪرار جي خاتمي جا سمورا رستا اختيار ڪري چڪا آهيون. وزيراعظم موجب نريندر مودي هندوتوا جي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ڀارت کان ان جي سيڪيولر ازم جي سڃاڻپ کسي، ڀارت آر ايس ايس جي هندوتوا نظريي جي اثر هيٺ آهي، اڄ ڀارت ۾ مسلمانن سان اهو ئي ٿي رهيو آهي، جيڪو هٽلر جي دور ۾ يهودين سان ڪيو ويو. هن چيو ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ آرٽيڪل 370 جي خاتمي کانپوءِ وادي هڪ اوپن ايئر جيل ۾ تبديل آهي، هڪ سال جي اندر اندر والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي معيشت تباهه ٿي وئي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

تعليمي ادارا فيصلي سان درسي عمل متاثر ٿيندو: شفقت محمود

اسلام آباد: (م ڊ)  تعليم کاتي جي وفاقي وزير شفقت محمود چيو آهي ته تعليمي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے