لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چمن ۾ دهشتگردي جي واقعي جي سخت مذمت ڪندي چيو ته ڀاڙي ۽ شڪست کاڌل تشدد جي ذريعي پنهنجو ايجنڊا مڙهڻ چاهين ٿا پنهنجي بيان ۾ بلاول ڀتو زرداري چيو ته پاڪستاني عوام دهشتگردن، سندن ساٿارين ۽ انهن جي ماسٽرز جي خلاف متحد آهي پ پ پ جو چٽو موقف آهي ته خطي ۾ ترقي فقط امن ۽ گڏيل تعاون سان ٿي سگهي ٿي بلاول ڀٽو ڌماڪن ۾ جاني نقصان تي ڏک جو اظهار ڪندي متاثر گهراڻن سان تعزيت جو اظهار هن گهر ڪئي ته زخمين کي علاج جون بهترين سهولتون فراهم ڪيون وڃن.
