نڪور خبرون
Home / پاڪستان / چمن ۾ مال روڊ تي بم ڌماڪي ۾5 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي

چمن ۾ مال روڊ تي بم ڌماڪي ۾5 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي

ڪوئٽه (مانيٽرنگ ڊيسڪ) بلوچستان صوبي جي علائقي چمن جي مال روڊ تي ڌماڪو ٿيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن. رپورٽ موجب چمن ۾ مال روڊ تي بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 5 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن. زخمين مان ڪجهه جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. پوليس واقعي ۾ 5 ڄڻن جي مارجي وڃڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي ڌماڪيدار مادو موٽر سائيڪل ۾ لڳايو ويو هو. ڌماڪي کان پوءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن واقعي واري هنڌ کي گهيري ۾ وٺي ڇڏيو آهي ۽ ريسڪيو ادارا ايمبولينس جي ذريعي زخمين کي اسپتال منتقل ڪري رهيا آهن. ڌماڪي سبب ڀرپاسي جي عمارتن ۽ ٻين ملڪيتن کي به نقصان پهتو آهي. ياد رهي ته بلوچستان گذريل ڪجهه عرصي کان بدامني جو شڪار آهي جنهن جي پٺيان پرڏيهي دشمنن جو هٿ هجڻ جي باري ۾ چيو ويندو آهي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

افغان پرڏيهي وزير کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني آهي: شاهه محمود

اسلام آباد(م ڊ)  پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته 44 سيڪڙو آمريڪي ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے