Home / رانديون / بين اسٽوڪس پاڪستان خلاف ٽيسٽ سيريز مان ٻاهر

بين اسٽوڪس پاڪستان خلاف ٽيسٽ سيريز مان ٻاهر

لنڊن(اسپورٽس نيوز) انگلينڊ جي جڳ مشهور آل رائونڊر بين اسٽوڪس پاڪستان خلاف جاري ٽيسٽ سيريز جي باقي ميچز مان ٻاهر ٿي ويو آهي. پاڪستان خلاف سيريز جي پهرين ميچ ۾ ڪاميابي حاصل ڪري انگلينڊ جتي سک جو ساهه کنيو آهي اتي بين استوڪس جي سيريز مان آئوٽ ٿيڻ جو کين ڌڪ به لڳو آهي. بين اسٽوڪس ذاتي سببن جي ڪري پاڪستان خلاف آخري 2 ٽيسٽ ميچز ۾ ٽيم جو حصو نه هوندو. هو امڪاني طور تي ذاتي سببن جي ڪري هلندڙ هفتي برطانيا مان نيوزيلينڊ روانو ٿي وڃي.ان حوالي سان انگلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ ڪا تصديق يا ترديد ناهي ڪئي، جڏهن ته ڪرڪيٽ سان واڳيل سوشل ميڊيا سائٽس دعويٰ ڪري رهيون آهن ته پاڪستان خلاف ٻي ٽيسٽ ۾ بين اسٽوڪس انگلينڊ ٽيم جو حصو نه هوندو.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

عرفان جونيئر گذريل سيزن ۾ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو هو: محمد حفيظ

لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي آل رائونڊر محمد حفيظ نوجوان فاسٽ بالر عرفان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے