Home / ڪاروبار / ايندڙ سال سنڌ پنهنجي گئس جي ضرورت به پوري نه ڪري سگهندو: عمر ايوب

ايندڙ سال سنڌ پنهنجي گئس جي ضرورت به پوري نه ڪري سگهندو: عمر ايوب

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) توانائي واري وزير عمر ايوب خبردار ڪيو آهي ته ايندڙ سياري به گئس جي لوڊشيڊنگ جو مسئلو برقرار رهندو. سينيٽر محسن عزيز جي صدارت هيٺ سينيٽ جي پيٽروليم بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صوبن ۾ گئس جي ورهاست جو معاملو بحث هيٺ آيو. توانائي واري وزير عمر ايوب چيو ته مقامي گئس پيداوار گهٽ، جڏهن ته گهرج وڌي رهي آهي، تنهن ڪري ايندڙ سياري به گئس جي لوڊشيڊنگ رهندي.هن چيو ته ملڪ ۾ گئس جي مڪمل گهرج ساڍا 7 ارب مڪعب فٽ هر ڏينهن ۽ گئس جي کوٽ ساڍا 3 ارب مڪعب فٽ هر ڏينهن آهي.سندس چوڻ هو ته سنڌ مان نڪرندڙ گئس مان هڪ ارب 56 ڪروڙ مڪعب فٽ گئس روز سنڌ ۾ ئي استعمال ٿيندي آهي، جڏهن ته سنڌ جي رڳو 26 ڪروڙ 10 لک مڪعب فٽ هر ڏينهن گئس پنجاب کي ويندي آهي پر ايندڙ سال تائين سنڌ وٽ به ڪنهن کي ڏيڻ لاءِ گئس نه هوندي، ايتري تائين جو سنڌ جي گئس جي پنهنجي ضرورت به پوري نه ٿيندي.عمر ايوب چيو ته گئس کوٽ بابت سڀني صوبن کي گڏجي فيصلو ڪرڻو آهي، سموري صورتحال گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ بحث هيٺ اچي چڪي آهي ۽ گڏيل مفادن واري ڪائونسل صوبن کي گئس کوٽ جي مسئلي ۽ حل تي زور ڏنو آهي.وفاقي وزير موجب اسان ملڪ ۾ تيل ۽ گئس جي ورهاست لاءِ 10 لائسنس جاري ڪيا آهن.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

وياج جي شيرح ۾ هڪ سيڪڙو گهٽتائي، معيست ۾ بهتري جو امڪان

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان وياج جي شرح ۾ وڌيڪ هڪ سيڪڙو گهٽتائي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے