Home / پاڪستان / ميئر ڪراچي چوي ٿو ته مون وٽ اختيار نه آهن، پوءِ گهر وڃو، ڇو ميئر بڻيا ويٺا آهيو: چيف جسٽس

ميئر ڪراچي چوي ٿو ته مون وٽ اختيار نه آهن، پوءِ گهر وڃو، ڇو ميئر بڻيا ويٺا آهيو: چيف جسٽس

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) مافيا حڪومت کي پالي رهي آهي، حڪومت اُن مافيا جو ڇا بگاڙيندي؟ سڄي ڪراچي شهر ۾ بل بورڊز لڳل آهن، اهي بِل بورڊز ڪِريا ته گهڻو نقصان ٿيندو، جاچ ڪرايون ٿا ته گذريل 5 سالن ۾ بورڊز ڪنهن لڳايا، سُپريم ڪورٽ طرفان ڪراچي ۾ بِل بورڊز ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار، سُپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته گهرن تي ايترا به بِل بورڊز لڳل آهن جو کِڙڪيون به بند ٿي ويون، گهرن تي اشتهارن ۽ بل بورڊز لڳائن سبب هوا توڙي روشني بند ٿي وينديون آهن، اها قانون جي ڀڃڪڙي آهي. سُپريم ڪورٽ ڪراچي ۾ سرڪاري ۽ نجي عمارتن تي لڳل سمورا بل بورڊز ۽ سائين بورڊز هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، شهر ۾ بِل ۽ سائين بورڊز هٽائڻ جا اختيار ڪمشنر حوالي، عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن ڪجهه ٿيو ته حڪومتن جو داڻو پاڻي بند ٿي ويندو، ڪمشنر صاحب! توهان بااختيار آهيو، ڪارروائي ڪري سمورا سائين بورڊز هٽائي ڇڏيو، ڪراچي کي هر ڪو تباهه ڪري رهيو آهي ۽ هر ڪو پنهنجي حصي جي بالٽي ڀري هليو ويندو آهي، لڳي ٿو سڀ مافيا بڻيل آهن، وزيرن کي ڏسو ته مُسڪرائيندي وڏين وڏين گاڏين ۾ گهمندا آهن، ٻڌڻي دوران ايس ايس پي ڏکڻ عدالت ۾ آگاهي ڏيندي چيو ته بل بورڊز لڳائڻ جو ڪيس ٻن جوابدارن خلاف داخل ڪيو ويو آهي، سندن ڳولا ڪئي پئي وڃي، چيف جسٽس ايس ايس پي ڏکڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ڇا اُهي جوابدار سمنڊ ۾ هليا ويا، عدالت ۾ فضول ڳالهيون نه ڪريو، وڃو ۽ اُنهن کي ڳولي اچو. ميئر ڪراچي چوي ٿو ته مون وٽ اختيار نه آهن، پوءِ گهر وڃو، ڇو ميئر بڻيا ويٺا آهيو، توهان ڪڏهن گهر ويندو؟ سُپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي دوران چيف جسٽس جو ميئر ڪراچي وسيم اختر کان پُڇاڻو، ميئر ڪراچي عدالت کي آگاهي ڏيندي چيو ته سندس مُدو 28 آگسٽ تي ختم ٿي ويندو، چيف جسٽس چيو ته توهان هليا وڃو، ڪراچي شهر جي جان ڇُٽي پوي، ڪراچي جي ميئرز مستقل طور شهر کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، ڪراچي کي ڪير ٺاهڻ وارو نه آهي، ماڻهو ايندا آهن ۽ کيسا ڀري هليا ويندا آهن، شهر لاءِ ڪير به ڪجهه نٿو ڪري.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

فضل الرحمان ملڪي سياست، جمهوريت ۽ پاڻ تي رحم ڪري: شيخ رشيد

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے