Home / پاڪستان / گذريل 70 سالن ۾ اسان کي ڪيترن ئي چئلينجن سان مقابلو ڪرڻو پيو: وزيراعظم عمران خان

گذريل 70 سالن ۾ اسان کي ڪيترن ئي چئلينجن سان مقابلو ڪرڻو پيو: وزيراعظم عمران خان

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظمم عمران خان چيو آهي ته اسان جي قوم پاڙيسري ملڪ جي دشمني، دهشتگردي، قدرتي آفتن ۽ وبائن جو وڏي بهادري سان مقابلو ڪيو آهي، اسان اڄ عهد ٿا ڪريون ته اڳتي به ثابت قدم رهنداسين.وزيراعظم عمران خان آزاد ي واري ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته قوم کي آزاديءَ جو مبارڪون ڏيان ٿو، هي قائد جي نظريي تي عمل ڪرڻ لاءِ عهد جو ڏينهن ۽ وطن جي دفاع ۾ پنهنجون ڏيندڙن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ جو ڏينهن آهي. هن چيو ته گذريل 70 سالن ۾ اسان کي ڪيترن ئي چئلينجن سان مقابلو ڪرڻو پيو، اسان اندرين ۽ ٻاهرين محاذ تي جنگ وڙهي، اسان جي قوم پاڙيسري ملڪ جي دشمني، دهشتگردي جو بهادري سان مقابلو ڪيو، اسان اڄ عهد ٿا ڪريون ته اڳتي به ثابت قدم رهنداسين. ڪشمير جي معاملي تي وزيراعظم عمران خان جو چوڻ هو ته اڄ آزادي جي ڏينهن اسان جي دل ڀارتي والاريل ڪشمير ۾ اسان جي ڀائرن جي ڏک ۾ غمزده آهي جتي گذريل هڪ سال کان فوجي گهيرو جاري آهي، اسان حق خود اراديت جي جي جدوجهد ۾ پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان گڏ بيٺل آهيون ۽ هر فورم تي پنهنجي ڪشميري ڀينرن ڀائرن لاءِ آواز بلند ڪندا رهنداسين.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

اپوزيشن ناٽڪ پئي ڪري ته ملڪ تباهه ٿي ويو، اسان صبر ڪيو اڍائي سال گذري ويا:عمران خان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) کنڊ، قبضا ۽ سياسي مافيا مفادن جي تحفظ لاءِ جنگ وڙهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے