Home / شوبز / صبا قمر ۽ بلال سعيد جي عبوري ضمانت منظور

صبا قمر ۽ بلال سعيد جي عبوري ضمانت منظور

لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سيشن عدالت مسجد ۾ وڊيو رڪارڊنگ جي معاملي تي اداڪاره صبا قمر ۽ گلوڪار بلال سعيد جي عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي آهي.لاهور جي سيشن عدالت ۾ صبا قمر ۽ بلال سعيد جي خلاف لاهور جي تاريخي وزير خان مسجد ۾ ميوزڪ وڊيو جي رڪارڊنگ جي  معاملي تي ٻڌڻي ٿي.ايڊيشنل سيشن جج وسيم اختر صبا قمر ۽ بلال سعيد جي عبوري ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. مدعي وڪيل فرحت منظور چانڊيو جوابدارن جي ضمانت واري درخواست تي مخالفت ۾ پيش ٿيا. عدالت صبا قمر ۽ بلال سعيد جي گرفتاري روڪي ڇڏي.ان کان علاوه ٻنهي فنڪارن کي پنجاهه پنجاهه هزار جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي صبا قمر ۽ بلال سعيد جي 25 آگسٽ تائين عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي آهي. ٻئي طرف ڪراچي سٽي ڪورٽ ۾ به اداڪاره صبا قمر ۽ بلال سعيد جي خلاف ڪيس جي درخواست واري ڪيس جي ٻڌڻ يٿي.درخواست ڏيندڙ موقف اختيار ڪندي چيو ته اداڪارن ساٿين سان گڏ مسجد ۾ رقص ۽ گيت جي عڪسبندي ڪئي. اداڪارن مسجد جو تقدس پائامل ڪيو ۽ مسلمانن جا جذبات مجروح ڪيا. عدالت مدعي لياقت گبول ايڊووڪيٽ کي مسجد وزير خان جي انتظاميه ۽ اوقاف کاتي جي آفيسرن جا نالا پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ۾ ويب سيريز(چڙيلز) تان پابندي هٽائي وئي، احتجاج رنگ لاتو

لاهور: (شوبز) گذريل ڏينهن پاڪستان جي پهرين ويب سيريز چڙيلز تي پابندي لاڳو ڪئي وئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے