Home / تازا ترين / سمورن ضلعن اندر گندگي ۽ ڪچري جي ڍيرن کي مڪمل طورتي ختم ڪيو وڃي: ناصر شاهه

سمورن ضلعن اندر گندگي ۽ ڪچري جي ڍيرن کي مڪمل طورتي ختم ڪيو وڃي: ناصر شاهه

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي اطلاعات ، بلديات ۽ مذهبي معاملن واري وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته صوبي جي صورتحال بهتر بڻائي وڃي. سمورن ضلعن اندر گندگي ۽ ڪچري جي ڍيرن کي مڪمل طورتي ختم ڪيو وڃي. سيد ناصر حسين شاهه موجب سنڌ جي سمورن علائقن، روڊن ، محلن، گهٽين ۾ پيل ڪچرو هنگامي بنيادن تي کنيو وڃي ۽ سموري صورتحال جي نگراني ميونسپل ڪمشنر سالڊ ويسٽ پنهنجي آفيسرن سان گڏجي ڪري. مڪاني کاتي واري صوبائي وزير چيو ته برسات ۽ عيدالاضحيٰ کانپوءِ مختلف علائقن ۾ صفائي سٿرائي جي صورتحال معمول موجب آڻڻ لاءِ خاص حڪم جاري ڪيا ۽ يونين ڪائونسلن کي صاف سٿرو رکڻ لاءِ سموري مڪاني کاتي جو عملو چونڊيل نمائندن سان گڏجي پنهنجي ذميواريون سرانجام ڏين. سيد ناصر حسين شاهه چيو ته صفائي سٿرائي جي سرگرمين جي نگراني روزاني جي بنيادن تي ڪئي وڃي  ۽ لاڳاپيل آفيسر پنهنجي علائقن ۾ ٿيندڙ صفائي سٿرائي جي سرگرمين کان آگاهه ڪن ۽ ڪوشش ڪن ته بغير ڪنهن دير ڪرڻ جي سمورن علائقن ۾ هنگامي بنيادن تي مڪاني ادارن جو عملو ذميواريون نڀائي. سيد ناصر حسين شاهه ٻڌايو ته علائقن ۾ صفائي جي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ هو پاڻ سرپرائيز وزٽ ڪندو ۽ سالڊ ويسٽ کاتو پنهنجي ذميوارين کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري. صوبائي وزير واضح ڪيو ته صفائي جي غير تسلي بخش صورتحال جي موجودگي ۾ لاڳاپيل آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

آواران ۾فورسز جو آپريشن، 4 دهشتگرد مارجي ويا، ڪيترائي ٺڪاڻا تباهه

راولپنڊي(م ڊ) بلوچستان جي ضلعي آواران ۾ فورسز جي آپريشن ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا.آءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے