Home / تازا ترين / ڪراچي ۾ نالن تي قبضا آهن، ڪنهن الاٽ ڪيا هوندا: عمران اسماعيل

ڪراچي ۾ نالن تي قبضا آهن، ڪنهن الاٽ ڪيا هوندا: عمران اسماعيل

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل چيو آهي ته سنڌ ۾ برساتن سان تباهي ٿي آهي اڄ اربع تي پنجاب جو گورنر چوڌري سرور سان بدين جو دورو ڪندس چوڌري محمد سرور سان گڏ ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي گورنر عمران اسماعيل ٻڌايو ته پنجاب جو گورنر ۽ ان جا دوست هتان جي رهواسين لاءِ رليف پئڪيج آندو آهي هن چيو ته هي ماڻهو هڪ لک ماڻهن تائين راشن پهچائيندا اخوت فائونديشن جي مدد سان سنڌ ۾ 10 هزار ماڻهن کي بنا وياج قرض ڏنو ويندو سنڌ جي گورنر چيو ته اسان جي ڪوشش هوندي ته سڄي سنڌ ۾ راشن ورهايون. برساتن سان ڪراچي کان وڌيڪ سنڌ ٻين ٻين شهرن سان زيادتيون ٿيون آهن هن چيو ته ڪراچي ۾ نالن تي قبضا آهن ڪنهن الاٽ ڪيا هوندا انهن نالن جي صفائي ناهي ٿي جنهن ڪو ته ذميوار هوندو هن چيو ته ڪراچي ۾ سڄو ڪم صوبائي حڪومت جو آهي وفاق سنڌ حڪومت جي مدد ڪرڻ چاهي ٿو. هن ٻڌايو ته وزيراعظم عمران خان گذريل ڏينهن اجلاس ۾ ڪراچي لاءِ هڪ پلان جوڙيو آهي ڪراچي لاءِ پلان سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان شيئر ڪيو ويندو وزيراعظم ڪراچي اچي پلان ٻڌائيندو گورنر چيو ته ڪراچي ۾ کوڙ سارا ماڻهو آهن جيڪي ايماندار آهن ڌيانتدار آهن ۽ ڪم ڪرڻ وارا آهن پهريون ڀيرو اندازو ٿيو آهي ته ڪنهن جي گهر ۾ پاڻي داخل ٿي وڃي ته ڇا ٿئي ٿو هن چيو ته هڪ ڪلاڪ جي برسات ۾ سڄو ڪراچي ٻڏي وڃي ٿو. پئسو لڳي يا جان لڳي اسان سڀني کي گڏجي ڪراچي کي ٺيڪ ڪرڻو آهي عمران اسماعيل ٻڌايو ته وفاق جيڪو ڪري رهيو آهي اين ايف سي ايوارڊ تي ڪري رهيو آهي ايڊمنسٽريٽر سمورن اسٽيڪ هولڊرز جي صلاح مشوري سان رکيو ويندو جڏهن ته ان جو آخري اختيار سنڌ حڪومت کي آهي هن چيو ته ڪراچي جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ورڪنگ ڪميٽي ٺهي آهي جنهن ۾ وڌو وزير مراد علي شآهه ۽ صوبائي وزير ناصر حسين شاهه به شامل آهي عمران اسماعيل چيو ته سمورا اسٽيڪ هولڊر آن بورڊ ٿي ويندا ته وزيراعطم عمران خان ڪراچي ايندو.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

آواران ۾فورسز جو آپريشن، 4 دهشتگرد مارجي ويا، ڪيترائي ٺڪاڻا تباهه

راولپنڊي(م ڊ) بلوچستان جي ضلعي آواران ۾ فورسز جي آپريشن ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا.آءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے