Home / پاڪستان / ڀارتي پاليسيون پاڪستان ۽ چين سميت خطي لاءِ خطرو آهن: پرڏيهي ترجمان

ڀارتي پاليسيون پاڪستان ۽ چين سميت خطي لاءِ خطرو آهن: پرڏيهي ترجمان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان چيو آهي ته ڀارت مسلسل پنهنجي عالمي ذميواري کان ڀڄي رهيو آهي ۽ هن جون پاليسيون چين ۽ پاڪستان سميت سمورن پاڙيسرين لاءِ خطرو آهي. هفتيوار پريس بريفنگ ۾ پرڏيهي کاتي جي ترجمان زاهد حفيظ جو چوڻ هو ته ڀارت طرفان ڪشميرين کي ڪوڙن مقابلن ۾ نشانو بڻايو پيو وڃي. شهري آبادين تي هٿيارن جو استعمال انساني ۽ عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آهي. والاريل ڪشمير ۾ غير انساني لاڪ ڊائون کي گذريل ڏينهن 400 ڏينهن مڪمل ٿي ويا. سڄي دنيا مان ڪشمير جي صورتحال جي مذمت ڪئي پئي وڃي، والاريل ڪشمير جي حوالي سان گڏيل قومن جا ڪجهه ٺهراءَ موجود آهن. ڪشميرين کي هنن جي امنگن جي موجب حق خوداراديت ملڻ گهرجي.پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته ڀارتي فوج ايل او سي تي به مسلسل فائرنگ ڪري رهي آهي، ڀارتي فوج هلندڙ سال ايل او سي تي 2 هزار کان وڌيڪ ڀيرا سيز فائر جي ڀڃڪڙي ڪري چڪي آهي، گذريل ڏينهن به امن جو دشمن ڀارت جارحيت کان باز نه آيو ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر لائن آف ڪنٽرول تي بنا سبب فائرنگ ڪري سول آبادي کي نشانو بڻايو، جنهن سان ٽي معصوم شهري زخمي ۽ پاڪ فوج جو هڪ جوان شهيد ٿي ويو، ڀارت مسلسل پنهنجي عالمي ذميواري کان ڀڄي رهيو آهي ۽ ڀارتي پاليسيون چين ۽ پاڪستان سميت سمورن پاڙيسرن لاءِ خطرو آهي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

تعليمي ادارا فيصلي سان درسي عمل متاثر ٿيندو: شفقت محمود

اسلام آباد: (م ڊ)  تعليم کاتي جي وفاقي وزير شفقت محمود چيو آهي ته تعليمي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے